پاڪستان

پي ڊي ايم اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ وارو فيصلو معطل

پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ پي ڊي ايم اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بابت خيبر پختونخوا حڪومت جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس وقار ۽ جسٽس شاهد صوبائي حڪومت طرفان پي ڊي ايم اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بابت ڪيس جي شنوائي ڪئي. درخواستگذار جو چوڻ هو ته سياسي مقصدن جي لاءِ سي آر پي سي جي سيڪشن 198 جو غلط استعمال ڪيو ويو. سيڪشن 196 ڪنهن آفيسر کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي. عدالت خيبرپختونخوا حڪومت جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري صوبائي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ياد رهي ته خيبرپختونخوا حڪومت صوبائي ڪابينا جي منظوري کان پوءِ ادارن خلاف ڳالهائڻ تي پي ڊي ايم اڳواڻن خلاف ڪيسن جي لاءِ ايڊيشنل اسسٽنٽ ڪمشنر ڊيرا اسماعيل خان کي اختيار ڏنا هئا جنهن کان پوءِ هنن نوازشريف، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان خلاف ڪيس داخل ڪرايا هئا. ايڊيشنل اسسٽنٽ ڪمشنر ڊيرا اسماعيل خان گهرو وزير راڻا ثناءُالله ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر اعواڻ خلاف به ڪيس داخل ڪرايو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button