پاڪستان

ڊيم ئي ٻوڏ جي نقصانن کان بچڻ جو اڪيلو حل آهن: عمران خان

ڊيره اسماعيل خان: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ٻوڏ جي نقصانن کان بچڻ جو هڪڙو ئي حل ڊيمن جي تعمير آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڊيره اسماعيل خان ۾ ٻوڏ متاثر ڪيمپ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمران خان چيو ته ٻوڏ سبب سموري ملڪ ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيا آهن. جڏهن ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته متاثر علائقن ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو اندازو لڳايو پيو وڃي. جڏهن ته 2010ع جي ٻوڏ ۾ به ايترا نقصان نه ٿيا جيترا هاڻوڪي ٻوڏ ۾ ٿيا آهن. عمران خان چيو ته ٻوڏ جي نقصانن کان بچڻ جو هڪڙو ئي حل ننڍن ۽ وڏن ڊيمن جي تعمير آهي. ٽانڪ زام ڊيم جي فيزيبلٽي تيار ڪئي وئي آهي ڊيم تعمير ڪري اسان ٻوڏ جي نقصانن کان بچي سگهون ٿا. هن چيو ته ڊيم تعمير ڪري اسان برساتن جي پاڻي کي قيمتي اثاثو بڻائي سگهون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button