بلوچستانپاڪستان

بلوچستان ۾ هر پاسي تباهي، صوبو اوندهه ۾ ٻڏل، مواصلاتي نظام به ويهجي ويو

ڪوئيٽا: بلوچستان ۾ ٻوڏ ۽ برساتن هر پاسي تباهي آڻي ڇڏي آهي جنهن سان صوبي جا ڳچ علائقا بجلي بند هئڻ سبب اونداهي ۾ ٻڏي ويا آهن جڏهن ته سمورو مواصلاتي نظام به ويهجي ويو آهي. تفصيل مطابق ڪوئيٽا شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ لاڳيتو 30 ڪلاڪ کان وڌيڪ دير تائين ڪڏهن تيز، ڪڏهن هلڪي برسات وسندي رهي جنهن سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي. ڪوئيٽا ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 500 کان وڌيڪ ماڻهو ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاسي پيا، تيز برساتن سبب شهر ۾ بجلي ۽ گئس جي فراهمي جو نظام مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو جڏهن ته مواصلاتي نظام ۾ به رڪاوٽ اچي وئي. صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڊپٽي ڪمشنر ڪوئيٽا ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪندي ڪلي ناصران جي رهواسين کي باءِ پاس طرف نڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان کان سواءِ تيز برساتن سبب ڪوئيٽا جو زمينو، هوائي ۽ مواصلاتي رابطو گذريل ڪيترائي ڪلاڪ ڪٽيل رهيو، موبائيل فون بند ۽ انٽرنيٽ سروس معطل رهي جڏهن ته ڪوئيٽا جو پي ٽي سي ايل نيٽ ورڪ به بند رهيو ۽ گرائونڊ انترنيٽ ڪم نه پيو ڪري. ميڊيا رپورٽ مطابق آئي جي بلوچستان، ڪمشنر، ڊي آئي جي ڪوئيٽا سميت ڪنهن به اعليٰ آفيس سان رابطو نه پيو ٿئي. ٻئي پاسي بي اي پي جي سينيٽر ثنا جمالي چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سان بلوچستان جو 90 سيڪڙو حصو متاثر آهي صوبي ۾ مواصلاتي نظام متاثر آهي جنهن سبب رابطن ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي جڏهن ته خراب موسم سبب بلوچستان لاءِ فلائيٽ آپريشن به معطل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button