پشاور: ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال آهي، اهڙي صورتحال ۾ هر پاسي ان جو ذڪر هلي رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري خيبرپختونخوا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي ڦاسڻ ۽ مدد نه ملڻ تي ماڻهو ڏکارا نظر اچي رهيا آهن. خيبرپختونخوا جي ضلعي لوئر ڪوهستان ۾ ٻوڏ ۾ ڦاٿل 5 دوست ٽن ڪلاڪن تائين مدد لاءِ انتظار ڪندا رهيا پر کين مدد نه ملي سگهي ۽ وهڪري ۾ لڙهي ويا. سوشل واهپيدارن اهو واقعو سوشل ميڊيا تي بيان ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته شهري ٻڏي رهيا هئا جڏهن ته هيليڪاپٽر وري ٻئي پاسي رڌل هو، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ٻوڏ متاثر علائقن چترال، دير ۽ ٻين ضلعن بدران جمعي ڏهاڙي پي ٽي آءِ چيئرمين سان گڏ ڊيرا اسماعيل خان ۽ ٽانڪ جو فضائي دورو ڪيو هو. ڪوهستان جي انتظاميا واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي معاملي جي تصديق ۽ وضاحت به ڪئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته پنجن نوجوانن مان هڪ کي رسي جي مدد سان بچايو ويو هو ٻيا لڙهي ويا هئا، انهن ۾ چاچو ڀائيٽيو جڏهن ته ٻه هڪ ئي ڳوٺ جا رهواسي هئا. لڙهي ويل چئني نوجوانن جو هيل تائين ڪو پتو ناهي پئجي سگهيو. واهپيدارن چيو ته ماڻهو ٻڏي ويا جڏهن ته هيليڪاپٽر وڏي وزير لاءِ ٽانڪ موڪليو ويو هو. ٽوئيٽس ۾ چيو ويو آهي ته تباهي سوات ۾ ٿي رهي آهي ۽ وڏو وزير وري ڏکڻ ڏانهن هلي پيو. ٻئي پاسي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ٽوئٽر تي لکيو ته امدادي سرگرمين بابت وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close