اسلام آباد: سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هلندڙ سال 6 ڏهاڪن جي سڀ کان وڌيڪ تباهي وارن چوماسي جي اسپيلز دوران 1961ع کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. رپورٽ مطابق معمول کان وڌيڪ برساتن جي اها شرح سنڌ ۾ 522 ۽ بلوچستان ۾ 469 سيڪڙو وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. تازا انگ اکر موسميات کاتي طرفان جاري ڪيا ويا آهن جن اختيارين کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، ماحولياتي ماهر پڻ انهن انگن اکرن جي بنياد تي وارننگ جاري ڪري رهيا آهن جن انهن کي اختيارين لاءِ نون چئلينجن جي شروعات قرار ڏئي رهيا آهن. موسميات کاتي جي هڪ عهديدار ٻڌايو ته “سنڌ ۾ جولاءِ ۾ چوماسي جي مند شروع ٿيڻ کان هن مهل تائين 680 ملي ميٽر برسات ٿي چڪي آهي، اها معمول کان 522 سيڪڙو وڌيڪ آهي ڇوجو سراسري ۽ طئي ٿيل معيارن مطابق سنڌ ۾ عام طور تي چوماسي جي موسم ۾ 109 ڏهائي 5 ملي ميٽر برسات پوندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح بلوچستان ۾ چوماسي جي هر موسم ۾ سراسري طور تي 50 ملي ميٽر برسات پوندي آهي پر هن مهل تائين 284 ملي ميٽر يعني 469 سيڪڙو وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ هلندڙ سال چوماسي جي مند ۾ هن مهل تائين مجموعي طور تي 207 ڀيرا وڌيڪ مينهن پيو آهي ۽ اهو سيپٽمبر جي آخر تائين جاري رهندو. هن ٻڌايو ته نوشهروفيروز ضلعي جي شهر پڊعيدن ۾ جولاءِ کان هن مهل تائين 1722 ملي ميٽر برسات پئجي چڪي آهي، سنڌ جي ڪنهن به علائقي ۾ ڪڏهن به اهو مقدار رڪارڊ نه ڪيو ويو آهي. هن انگن اکرن جو حوالو ڏنو جن مطابق سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آخري ڀيرو 1994ع ۾ اهڙيون طوفاني برساتون پيون هيون جيڪي 1961ع کان سڀ کان وڌيڪ برساتن طور رڪارڊ ڪيون ويون هيون. هن ٻڌايو ته 1994ع ۾ سنڌ ۾ 502 ڏهائي 6 ملي ميٽر برسات پئي هئي جيڪا ماحولياتي ۽ موسمياتي ماڊيولز جي بنياد تي ان وقت جي سراسري مطابق معمول کان 276 سيڪڙو وڌيڪ هئي، اهڙي طرح بلوچستان ۾ 175 ملي ميٽر برسات پئي جيڪا اتان جي معمول کان 52 سيڪڙو وڌيڪ هئي. ملڪ جي ٻين حصن ۾ پڻ هلندڙ سال اها ئي صورتحال نظر آئي، موسميات کاتي جي انگن اکرن مطابق گلگت بلتستان ۾ هن مهل تائين ٻن مهينن ۾ 50 ڏهائي 3 ملي ميٽر مينهن پيو آهي جيڪو معمول کان 99 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ پنجاب ۾ 349 ملي ميٽر مينهن پيو جيڪو چوماسي جي مند ۾ معمول جي برسات کان 90 سيڪڙو وڌيڪ آهي. خيبرپختونخوا ۾ پڻ معمول کان 31 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي جتي هن مهل تائين 257 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آزاد ڪشمير ملڪ جو واحد علائقو آهي جتي هلندڙ سال چوماسي جي مند ۾ سراسري شرح کان گهٽ برسات پئي، هتي 279 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا هتي معمول کان 7 سيڪڙو گهٽ آهي. هاڻي صورتحال خطري جي گهنٽي وڄائي آهي ڇوجو اختيارين ۽ ماهرن جو خيال آهي ته موسمياتي تبديلي هاڻي ايندڙ چئلينج ناهي رهيو پر اهو اچي چڪو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close