پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ شاخ جو گهارو بند نه ٿيو، آبپاشي عملدار گم

مقصودو رند: مقصودو رند لڳ ڳوٺ سھجو رند وٽ بابو ڇن شاخ کي لڳل گھاري کي 72 ڪلاڪ گذري ويا پر گھارو بند ڪرڻ لاءِ ڪوبه آبپاشي عملدار نھ پھتو. جڏھن ته انجنيئر عطا محمد رابطو ڪرڻ تي جواب ڏنو ته پاڻي ڪيڏانھن ڪيان، کيسي ۾ وجھان ڇا. ھوڏانھن مسلسل گھارو وھڻ ڪري ڳوٺ خيرو رند ٻڏي ويو ۽ ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪري محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي ويا. جڏھن ته گھاري جو پاڻي آھستي آھستي مقصودو رند شھر، ڌگاڻو رند، مراد علي رند ۽ ولي محمد رند ڏانھن وڌڻ لڳو آھي، جنھن ڪري وڏي تباھي جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. ان حوالي سان متاثر ڳوٺاڻن ڪامريڊ علي حسن رند، رياض حسين رند ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منڍ جي بااثر زميندارن پاران مسلسل فصلن جو پاڻي شاخ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سبب شاخ سطح کان مٿي وھڻ ڪري گھارو لڳو آھي ۽ 72 ڪلاڪ گذرڻ باوجود آبپاشي عملدارن گهارو بند ڪرڻ لا قدم ناهن کنيا. ايم اين اي ۽ ايم پي اي سار لھڻ به ناھن پھتا. ھنن گهر ڪئي ته گھارو بند ڪري نقصان کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button