پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۽ ڀرپاسي ۾ برساتي پاڻي 85 گهر ڪيرائي ڇڏيا، متاثر پريشان

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ۽ ڀرپاسي ۾ برساتي پاڻي بيهڻ سبب گهر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. ڳوٺ گل محمد برھماڻي ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب عبدالله لغاري جي گهرواري ۽ عثمان لغاري جي گهرواري زخمي ٿي پيون. ڳوٺ ۾ صحافي سردار لغاري، گلزار لغاري ۽ محمد لغاري سميت 15 ڄڻن جا گهر ڊھي مٽي جا ڍير ٿي ويا، جنهن بعد متاثرن گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ پناهھ ورتي. يوسي سلطان آباد جي ڳوٺ حاجي محمد پلهھ ۾ ميگهواڙ برادري ۽ سولنگي برادري جا 30 کان وڌيڪ گهر برساتي پاڻي سبب ڊهي پيا. ڳوٺ دين محمد ڪاٺيو ۾ پڻ 25 کان وڌيڪ گهر ڊهي ويا آهن. ڳوٺ بروھي آباد ۾ پڻ 15 کان مٿي گهر ڊھي پٽ پئجي ويا آهن. يوسي دريا خان مري ۾ ڳوٺ منٺار ٿيٻو، پير ڪڪو، سعيدو مڪراني، مير محمد ٿيٻو ۽ فتح آباد ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي آهي. ڳوٺ منٺار ٿيٻو ۽ ڳوٺ پير ڪڪو مڪمل طور پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن. يوسي بيگن جروار جي ڳوٺ جراڙ ٿيٻو مان لڏپلاڻ جو سلسلو بند نه ٿيو. يوسي پاڪ سنگھار ايندڙ برساتي پاڻي ڳوٺ پنهون سينهڙو، جعفر سنهڙو، ڳوٺ جراڙ ٿيٻو ،ڳوٺ مٺو جروار ڳوٺ عزيز ٿيٻو، ڳوٺ عليم ٿيٻو ،ڳوٺ طالب ٿيٻو ،ڳوٺ مير جي جاگير ڳوٺ خدا بخش ٿيٻو ڳوٺ شاديون ولھار سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙيندو يوسي لانڍي، يوسي دريا خان مري ۽ يوسي سنجرچانگ جي ڳوٺن ڏانهن تيزي سان وڌڻ لڳو آهي. يوسي بيگن جروار جي اڳوڻي وائيس چيئرمين نور احمد ٿيٻو عثمان ٿيٻو، فقير خان محمد ٿيٻو امير علي ٿيٻو ۽ ٻين ڳوٺاڻن هڪ لک رپيا چندو گڏ ڪري ڳوٺ مڇاھو وٽان يوسي پاڪ سنگھار کان ايندڙ برساتي پاڻي کي روڪڻ لاءِ وڏو بند ڏياريو هو، جيڪو بند پاڻي جي تيز وھڪري ۾ لڙهي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button