اسلام آبادپاڪستان

عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي شنوائي لاءِ 5 رڪني لارجر بئنچ قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي شنوائي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ جوڙي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله لارجر بئنچ جي سربراهي ڪندو جڏهن ته جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري پڻ بئنچ جو حصو آهن. ان کان اڳ جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ ٽي رڪني لارجر بئنچ عمران خان بابت توهين عدالت ڪيس جي شروعاتي شنوائي ڪئي هئي. ٽي رڪني لارجر بئنچ عمران خان کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو ۽ لارجر بئنچ ۾ وڌيڪ ججن کي شامل ڪرڻ لاءِ معاملو چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڏانهن اُماڻيو ويو هو. ياد رهي ته جسٽس اطهر من الله موڪلن تي ويل هو سندس جڳهه تي جسٽس عامر فاروق وقتي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جون ذميواريون نڀائي رهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button