ڊگھڙي:ڊگهڙي ڀرسان يوسي حاجي غلام محمد نوحاڻي جي ديھه 165 جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين يوسي وائيس چيئرمين سيد ولي محمد شاهھ، شاهنواز شاھه، جمال شاهھ، مسڪين غلام حسين سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف نعريبازي ڪئي. جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته برساتن جي سيزن ۾ اسان جي ڳوٺن ڀرسان گذرندڙ ڍورو جنهن تي قبضا هئڻ ڪري پاڻي اوور ٽاپ ٿيو وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ اسان سميت آسپاس جي سوين ڳوٺن ۽ شھرن جي گهرن ۽ فصلن ۾ پاڻي ڪاهي پوي ٿو، هر سال اسان جا فصل لڙهي وڃن ٿا ۽ ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي وڃن ٿا، جنهن ڪري آبادگارن، هارين ۽ شھرين کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿئي ٿو، پاڻي سبب هزارين ماڻهو دربدر ٿين ٿا. بار بار انتظاميا کي اپيل ڪئي ته پاڻي جي قدرتي لنگھه تي ٿيل قبضا ختم ڪرائي ميرپورخاص روڊ تي ٺهيل بند موريون کوليون وڃن ته جيئن پاڻي نيڪال ٿي سگهي. اڳواڻن چيو ته اسان کي امداد، راشن ۽ ٽينٽ نه گهرجن، اسان چاهيون ٿا ته پاڻي جي قدرتي لنگهھ ڍوري تان قبضا ختم ڪرائي بند مضبوط ڪري سوين ڳوٺ ۽ شھر ٻڏڻ کان بچايا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close