ڊگھڙي:حيسڪو ڊگهڙي جي زيادتين خلاف ديھه 170 فيڊر جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين لالا اظھر جروار، صدام ڀرڳڙي، امجد آرائين، حزب الرحمان آرائين، محمد عارف آرائين ۽ صدام جروار جي اڳواڻي ۾ ايس ڊي او واپڊا آفيس ٻاهران ٽنڊو غلام علي روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ روڊ بلاڪ ڪيو. هنن چيو ته 10 ڏينهن کان سوين ڳوٺن جي بجلي ڪٽيل آهي، حيسڪو وارا چون تا ته ٿنڀا ڪري پيا آهن، اسان حيسڪو ملازمن کي مدد لا ماڻهو ڏيڻ جي آڇ ڪئي ۽ هڪ سئو ماڻهو ڏنا، پر حيسڪو ملازمن تنڀا لڳائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هنن گهر ڪئي ته ٿنڀا هڻي بجلي بحال ڪئي وڃي. هوڏانهن ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بند هجڻ سبب مسافر آزار ۾ اچي ويا. حيسڪو عملدارن پهچي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close