ڪلوئي: بدين ۾ ايل بي او ڊي سم نالي کي زيرو پوائنٽ وٽان امڪاني ڪٽ هڻڻ جو ٻڌي هزارين ماڻهو زيرو پوائنٽ تي پهچي ويا. خبر موجب ڪلوئي لڳ ايل بي او ڊي سم نالي وٽ مير طارق ٽالپر پاران ڪٽ ڏيڻ واري اعلان کانپوءِ هزارين ماڻهو زيرو پوائنٽ تي پهچي ويا. سوين ماڻهن مولوي رمضان لنڊ، شريف لنڊ، عبدالڪريم هالو، مالڪ هالو، پيربخش نهڙيو ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته هتان ڪٽ اسان کي ماري پوءِ لڳي سگهي ٿو، باقي اسان ڪٽ ڏيڻ نه ڏينداسين. زيرو وٽان ڪٽ لڳڻ جي صورت ۾ هزارين ماڻهو دربدر ٿي ويندا ۽ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويندا. هنن چيو ته ڪٽ هر حال ۾ نه هڻڻ ڏينداسين. هوڏانهن مير طارق ٽالپر واري بيان کان پوءِ ماڻهن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي آهي. هوڏانهن ارباب لطف الله جاري ڪيل بيان ۾ چيو هي ته اسان نٿا چاهيون ته زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ هڻي هزارين ماڻهن کي ٻوڙي تباهه ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪي مٿي ٻڏي ويا آهن، انهن جو اسان کي به افسوس آهي، پر جيڪي بچيا آهن انهن کي ته ٻوڙڻ کان بچائڻ اسان جو فرض آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close