پاڪستان

اپوزيشن ڀلي جلسو جلسو کيڏي، اسان جي ترجيح ٻوڏ متاثر آهن: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اپوزيشن ڀلي جلسو جلسو کيڏندي رهي، هن وقت اسان جي ترجيح ٻوڏ متاثر آهن. برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت اسان جي ترجيح ٻوڏ متاثرن سان گڏ بيهي انهن کي مدد فراهم ڪرڻ آهي، اپوزيشن جي مرضي آهي ڀلي جلسو جلسو کيڏي ۽ چونڊن جو مطالبو ڪندي رهي. هن چيو ته دنيا ۾ اهڙو ڪو مثال ناهي ڏٺو ته ايڏي وڏي قدرتي آفت آئي هجي، جنهن سان ايترا علائقا ۽ ماڻهو متاثر ٿيا هجن ۽ ان وقت سياست هلندي رهي، اها افسوس جي ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته قدرتي آفتن ۾ سڄو ملڪ گڏجي متاثرن جي مدد جي ڪوشش ڪندو آهي، سندن پنهنجي صوبي ۾ ٻوڏ آهي پر اهي جلسو جلسو کيڏي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ سان سڀ کان وڌيڪ سنڌ صوبو متاثر ٿيو آهي ۽ ڪيترن ئي ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، ٻوڏ سبب رڳو هڪ شهر لاڙڪاڻي مان ئي 80 هزار خاندان بي گهر ٿيا آهن، هن وقت ترجيح ٻوڏ متاثرن جي بحالي آهي، ان کانپوءِ سياست ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته “مان سمجهانٿو ته دنيا ۾ اهڙي ڪا حڪومت ناهي، نه صوبائي نه وفاقي، جيڪا ان پيماني تي قدرتي آفت جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هجي پر جڏهن اوهان جي سامهون ايترو وڏو مسئلو اچي ويندو آهي ته هر ماڻهو ڪوشش ڪندو آهي ته امداد پهچائي. بلاول ڀٽو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته “اسان جا جيڪي مخالف آهن، پو اهي حڪومت ۾ هجن يا اپوزيشن ۾ ،اهي ڪڏهن ان ۾ (سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ۾) دلچسپي ناهن وٺندا. 2020ع ۾ هن ئي صوبي ۾ عوام متاثر ٿيو هو، اڄوڪي اپوزيشن ان وقت حڪومتي پارٽي هئي، ان وقت عمران خان وزيراعظم هو، هن اسان جي ٻوڏ متاثرن جو ساٿ نه ڏنو.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button