ڪراچي: سنڌ جو ناليوارو شاعر امداد حسيني ساهه جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو. امداد حسيني کي 10 ڏينهن اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ بعد 21 هين آگسٽ تي گهر منتقل ڪيو ويو هو، جتي سندس ساهه جي تند ٽٽي پئي. سنڌ جي صف اول جي شاعر امداد حسينيءَ جو اصل نالو سيد امداد علي شاهه هو. هو 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو. هُن شاعري ۽ ڪهاڻين سميت مختلف موضوعن تي ڪتاب لکيا. امداد حسيني شروعاتي تعليم ڳوٺ جي کُٿاب (مڪتب) مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽرميڊيئيٽ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪري، بي اي (آنرز) ۽ ايم اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ (پارٽ ٽائيم) نوڪري ڪئي، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. 1970ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. 1973
ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) مقرر ٿيو. اتي نوڪريءَ دوران 1977ع کان 1979ع تائين ٽه-ماهي “مهراڻ” جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. کيس صدارتي ايوارڊ سميت جوش مليح آبادي ۽ علامه اقبال ايوارڊ سان نوازيو ويو هو. امداد حسيني بزم طالب الموليٰ حيدرآباد شاخ ۽ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ واري تحريڪ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائڻ واري تحريڪ ۽ ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ امداد حسينيءَ عملي طور ڀرپور حصو ورتو. امداد جي شاعريءَ جو هڪ مختصر ڳٽڪو، “امداد آهي رول” 1976 ۾ شايع ٿيو. سندس طويل نظم “شهر” (1988ع ۾ لکيل “شهر آشوب”) مارچ 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن جي شاعريءَ جو ٽيون مجموعو “هوا جي سامهون” 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. امداد حسيني جي لاڏاڻي تي ادبي حلقن ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آھي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نامياري شاعر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آھي، وڏي وزير چيو ته امداد حسيني جهڙا اديب صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. امداد حسيني پنهنجي ڪيل ڪم ذريعي صدين تائين ياد رکيو ويندو.