پاڪستان

پاڻي جو وڏو وهڪرو پنجاب پهچي ويو،ميانوالي ۾ ٻوڏ اچڻ جو خطرو

سوات، نوشهرا ۽ پختونخوا جي ٻين شهرن ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ جو وڏو وهڪرو پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿي ويو، جنهن بعد ميانوالي ۾ ٻوڏ اچڻ جو خطرو آهي، جتان شهرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف چارسدا جي وڌيڪ ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿيڻ ڪري سوين گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. مليل ڄاڻ موجب سنڌو درياهه تي جناح بئراج وٽان اڄ 7 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو گذرڻ جو امڪان آهي، ٻوڏ سبب 47 هنڌ متاثر ٿي سگهن ٿا. هوڏانهن برهان انٽر چينج کان پشاور تائين موٽر وي ايم ون تي ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي، بلوچستان جي علائقي ازا خيل ۽ نوشهرا، قلات کان پشين يارو وچ ۾ نيشنل هاءِ وي تي ٻوڏ جو خطرو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪنڊيارو، مورو، سڪرنڊ ۽ مٽياري وٽ نيشنل هاءِ وي تي ٻوڏ جو خطرو آهي، موٽروي پوليس ٻوڏ واري صورتحال تي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته سفر ڪرڻ کان اڳ موٽر وي پوليس هيلپ لائن کان معلومات ورتي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button