پاڪستان

پاڪستان ۾ صورتحال اڃا وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي: گڏيل قومن جو ادارو

انساني همدردي بابت ايشيا ۾ گڏيل قومن جي اداري يو اين او سي ايڇ اي پاڪستان ۾ چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي تفصيل جاري ڪندي خدشو ڏيکاريو آهي ته ملڪ اندر ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. يو اين او سي ايڇ اي طرفان جاري ڪيل رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ضلعن جو انگ 116 آهي، جن مان 66 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي ۽ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ ڪري آفت سٽيل ضلعن جي انگ ۾ واڌ جو پڻ خدشو آهي، 14 جون کان وٺي هيل تائين سڄي ملڪ اندر گهٽ ۾ گهٽ 1033 ماڻهو فوت ۽ 1527 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته هن ڀيري گذريل 30 سالن جي سراسري کان 2 ڏهائي 87 ڀيرا وڌيڪ مينهن پيو آهي، ڪجهه صوبن ۾ ته 30 سالن جي سراسري کان پنج ڀيرا وڌيڪ برسات پئي آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي حڪومت ٻي امداد کانسوا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت پڻ ٻوڏ متاثرن لاءِ لڳ ڀڳ ارب مختص ڪيا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته موسم ۽ زميني حالتون امداد پهچائڻ ۾ ڏکياين جو سبب بڻجي رهيون آهن پر ڪيتريون ئي تنظيمون انساني همدردي جي بنياد تي ٻوڏ متاثرن کي امداد فراهم ڪري رهيون آهن. گڏيل قومن جي اداري خدشو ظاهر ڪيو ته صورتحال ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ خراب ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي علائقن ۾ انتظام ۽ انفرا اسٽرڪچر شديد برساتن جو مقابلو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button