پاڪستان

حڪومت ٻوڏ متاثر اڍائي لک خاندانن ۾ 3 ارب 43 ڪروڙ ورهائي ڇڏيا

وزيراعظم شهباز شريف طرفان قائم ڪيل فلڊ رليف فنڊ ذريعي هن وقت تائين 2 لک 55 هزار ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ 3 ارب 43 ڪروڙ رپيا ورهايا ويا آهن. مليل ڄاڻ موجب وزيراعظم جي فلڊ رليف فنڊ تحت ملندڙ رقم ۽ عطيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٻوڏ متاثرن ۾ ورهايا پيا وڃن، هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ 2 لک 55 هزار خاندانن ۾ 6 ارب 43 ڪروڙ رپيا ورهائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. چئني صوبن ۾ 2 لک 55 هزار متاثر خاندانن 25- 25 هزار رپيا وصول ڪيا آهن. سنڌ ۾ هڪ لک 54 هزار متاثر خاندانن ۾ 3 ارب 88 ڪروڙ رپيا ۽ بلوچستان جي 38 لک 930 خاندانن ۾ 58 ڪروڙ 40 لک رپيا ورهايا ويا آهن. پنجاب ۾ 41 هزار 357 خاندانن هڪ ارب رپين کان وڌيڪ رقم وصول ڪئي، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ 20 هزار 799 خاندانن ۾ 52 ڪروڙ 24 لک رپيا ورهايا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button