پاڪستان

بلوچستان ۾ متاثرن لاءِ 10 ارب رپيا امداد جو اعلان،ڪو به حقدار محروم نه رهندو:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي لاءِ ڏهه ارب رپين جي گرانٽ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته متاثرن ۾ هڪ هفتي اندر 25 ارب رپيا ورهائينداسين، ڏکئي وقت ۾ ڀرپور مالي تعاون ڪندڙ دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون، ڪوڙن بيانن سان قوم کي گمراهه نٿو ڪري سگهجي. هن اهڙو اظهار بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر ضلعي جعفرآباد جي مختلف علائقن جي دوري دوران ڪيو. وزيراعظم کي ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان بابت بريفنگ ڏني وئي. ٻوڏ متاثر ڳوٺ حاجي الهڏنو جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙي قسم جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ناهي ڏٺي، سڄي ملڪ ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جو ماضي ۾ ڪو به مثال نٿو ملي، صرف نعرا لڳائي موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جي اثرن کي گهٽائي نٿو ڪري سگهجي. ٻوڏ جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسان کي ٻين ملڪن جو فني سهڪار گهربل هوندو ۽ مستقبل ۾ قدرتي آفتن جي تباهڪارين تي ضابطو آڻڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، وزيراعظم ڪجهه سياسي اڳواڻن جي بيانن کي رد ڪندي چيو ته ڪوڙن بيانن سان قوم کي گمراهه نٿو ڪري سگهجي، آئون صرف سچ ڳالهائيندس، وزيراعظم چيو ته گذريل 73 سالن ۾ پاڪستان جي پنهنجي پيرن تي نه بيهڻ جي بيانن کي رد ڪريان ٿو، آئون دوست ملڪن جو ٿورائتو آهيان جيڪي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ امداد ڏئي رهيا آهن. ترڪيا، يو اي اي، برطانيا ۽ ٻين ملڪن به مشڪل جي هن گهڙي ۾ مدد جا اعلان ڪيا آهن. وزيراعظم ملڪ جي سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو لکين ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اڳتي اچن ۽ عطيا ڏين. هن چيو ته ماضي ۾ پڻ هنن مشڪل حالتن ۾ پنهنجي ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم رليف فنڊ ۾ به عطيا جمع ٿي رهيا آهن، فضائي جائزي دوران مون ڪچي ۽ صحبت پور سميت ٻين علائقن ۾ تمام وڏي مقدار ۾ ٻوڏ جو پاڻي ڏٺو آهي جيڪو سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو هو، هن چيو ته ٻوڏ جو پاڻي راجن پور، رحيم يار خان ۽ گهوٽڪي جي علائقن ۾ پکڙيل آهي، هن چيو ته 2010ع ۾ پاڪستان تمام وڏي ٻوڏ کي منهن ڏنو پر اها سنڌو درياءُ جي ڀرپاسي جي علائقن تائين محدود هئي تنهن هوندي به هاڻوڪي ٻوڏ سان سنڌ ۽ بلوچستان انتهائي گهڻا متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ شديد برساتن جي ڪري دريائن ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه جي نتيجي ۾ سوات ۽ ڪالام ۾ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي هوٽل ۽ گهر پاڻي ۾ لڙهي ويا، ان کانسواءِ سوين ماڻهن جون جانيون به ضايع ٿيون، هن چيو ته ٻوڏ سان نه رڳو فصلن ۽ لائيو اسٽاڪ کي نقصان ٿيو آهي پر پاڻي بيهڻ ڪري ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش آهن، ٻوڏ سبب سوين ٻهراڙيون متاثر ٿيون آهن، ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ لکن جي تعداد ۾ گهر پاڻي ۾ لڙهي ويا آهن جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، ٻوڏ متاثر هر خاندان کي اين ڊي ايم اي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 25 هزار رپين جي مالي امداد ڏينداسين، ان حوالي سان 38 ارب رپين جي گرانٽ مختص ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ڪو به حقدار مالي مدد جي پيڪيج کان محروم نه رهندو. وزيراعظم چيو ته سنڌ لاءِ مون اڳ ۾ 15 ارب روپين جي گرانٽ جو اعلان ڪيو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جا وڏا وزير ۽ سندن ٽيم لاڳاپيل کاتن جي مدد سان ڏينهن رات متاثرن جي مدد ۽ بحالي لاءِ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، متاثرن لاءِ قائم ڪيل ڪئمپن ۾ انهن کي هر طرح جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، پاڪ فوج ۽ نيوي جي هيليڪاپٽرن جي مدد سان ٻوڏ ۾ ڦاٿل 50 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button