پاڪستانسنڌ

بٺورو ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

ميرپور بٺورو: ميرپور بٺورو ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي حسين آزاد، بچل ملاح، ايوب ٻائيتار، ساگر مجيد پرهياڙ جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن ننڍن ٻارڙن سميت هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پبلڪ پارڪ کان مين بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي. اسمبلي ميمبر ڳولهي ڏيو ڳولهي ڏيو غريبن جي امداد کائڻ وارن تي لعنت جهڙا نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سڄي سنڌ جيان ضلعي سجاول ۾ به طوفاني برساتن سم نالن تباهي مچائي ڇڏي آهي هر ڳوٺ برساتي پاڻي ۽ سم نالن جي گهارن لڳڻ سبب ٻڏل آهي پر حڪومت پاران برسات متاثرن لاءِ آيل خيما، مڇردانيون، راشن من پسند ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي، ڊي سي سجاول ۽ اي سي بٺورو سياسي ماڻهن جي ونگار پيا وھن هتي پيپلزپارٽي جا وڏيرا پنهنجي نوازي تحت امدادي سامان ورهائي رهيا آهن جڏهن ته حقيقي برسات متاثرن بک بدحالي سبب بي يارو مددگار ٿي ويا آهن برسات کي هڪ هفتو گذري ويو آهي پر ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو جنهن ڪري ماڻهو موذي مرض ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي برسات متاثرين جي واهر ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ ڪيترائي خاندان بک وگهي مري ويندا جنهن جي ذميوار پيپلزپارٽي جي گورنمينٽ هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button