پاڪستانسنڌ

ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ جوهي لا ريڊ الرٽ، شهر خالي ڪرڻ جو حڪم، لڏپلاڻ

دادو/ميهڙ: دادو جي انتظاميا ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ جوهي لا ريڊ الرٽ جاري ڪندي ماڻهن کي شهر خالي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ٻوڏ جي پاڻي سبب ضلعي هيڊڪواٽر دادو ۽ جوهي لاءِ خطرو برقرار آهي. ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ مان 60 سيڪڙو خاندان لڏپلاڻ ڪري ويا، جوهي مان به لڏپلاڻ جو سلسلو جاري رهيو. دادو جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻيڙيون نه ملڻ سبب 2 عورتون پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون. رپورٽ موجب ٻوڏ جي پاڻي سبب ضلعي هيڊڪواٽر دادو شهر ۽ جوهي لاءِ خطرو برقرار آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا ميهڙ، جوهي ۽ خيرپورناٿن شاهه لاءِ ريڊ الرٽ جاري ڪندي شهر خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي آهي. ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضيٰ علي شاهه جو چوڻ آهي ته پاڻي جو دٻاءُ شهر طرف وڌي ويو آهي، جنهن لاءِ ڪي اين شاهه شهر کي خالي ڪرڻ لاءِ ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، مختلف هنڌن کان گهارا لڳڻ کانپوءِ پاڻي ڪي اين شاهه شهر طرف تيزي سان وڌڻ لڳو آهي، جڏهن ته هزارين ماڻهو ڪي اين شاهه ۾ هن وقت به ڦاٿل آهن، ريڊ الرٽ جاري ٿيڻ کانپو علائقي ۾ خوف ڇانئيل آهي. ٻئي طرف دادو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڦاٿل ماڻهو مرڻ لڳا آهن، انتظاميا ٻيڙيون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪچي واري علائقي فريد خان خشڪ ۾ 2 عورتون ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت عورتن جا لاش ڪڍي سول اسپتال دادو منتقل ڪيا. فوت ٿيل عورتن ۾ نازيه زال محمد پريل خشڪ ۽ ڄامل زال وليداد خشڪ شامل آهن، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻڏي فوت ٿيل عورتن جي وارثن احتجاج ڪندي دانهيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل آهيون، ڪنهن به ڪڍڻ لاءِ سار نه لڌي، ٻئي عورتون بيمار هيون. ايم پي اي کان اسسٽنٽ ڪمشنر کي فون ڪرائي هئي ته ٻيڙيون ڏيو ته اسپتال منتقل ٿيون، پر انتظاميا ٻيڙي فراهم نه ڪئي، جنهن سبب بيمار عورتن کي پاڻي مان ٽپائي اسپتال آڻي رهيا هئاسين ته رستي تي عورتون پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون. هنن چيو ته ڦاٿل خاندان ۾ معصوم ٻارڙا ۽ عورتون بکون ڪاٽي رهيا آهن. پوئتي 100 کان وڌيڪ ماڻهو ڦاٿل آهن، جلد ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو وڃي ۽ ٻيڙيون فراهم ڪيون وڃن. هوڏانهن پوري ضلعي جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي. ضلعي انتظاميا متاثر خاندانن کي رليف ڪئمپون توڙي ٽينٽ ۽ راشن فراهم به نه ڪري سگهي، هزارين خاندان کليل آسمان هيٺ انڊس هائي وي، ايل ايس بند، دادو ڪئنال ۽ دادو مورو روڊ تي بي يارو مددگار ويٺل آهن. هوڏانهن ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ کهڙا وليج ڀرسان سپريو بند کي گذريل ڏينهن لڳل گهارو بند ڪرڻ واريون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويو، جنهن بعد گهارو وڌي 250 سئو فوٽ ٿي ويو. جڏھن ته بلوچستان مان ايندڙ ٻوڏ جو پاڻي تيزي سان ميهڙ طرف وڌندي ڳوٺ عبدو، ڪوٺي سوڍاري، ڳوٺ سيلرا، کهڙا وليج، خان جو ڳوٺ، يعقوب سولنگي ۽ رضا محمد رند سميت 40 کان وڌيڪ ڳوٺن کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آھي. ميهڙ-فريدآباد روڊ کي مختلف هنڌن کان ڪٽ ڏيڻ سبب خان جو ڳوٺ ۽ قائم جتوئي سميت 300 کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ ڪاڇي جي پٽي وارن ڳوٺن جو ميهڙ تعلقي سان رابطو ڪٽجي ويو، جنهن سبب مختلف ڳوٺن ۾ سوين مرد، عورتون توڙي ٻارڙا ڦاسي پيا آهن، جن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لا انتظاميا ڪي به قدم ناهن کنيا، نه ڪو سپريو بند ٽٽڻ کانپو متاثر ٿيل ڳوٺن ۾ ڪو ريسڪيو وارو عمل شروع ٿي سگهيو آھي. جڏھن ته ميهڙ تعلقي ۾ ٻوڏ جي تباھڪارين سبب هزارين خاندان دربدر ٿيڻ ۽ سوين خاندان کليل آسمان هيٺ بندن روڊ رستن توڙي شھر جي سرڪاري اسڪولن ۾ ترسيل هجڻ باوجود ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن ڪا به واهر ناهي ڪئي. ٻوڏ جو پاڻي تيزي سان ميهڙ طرف وڌڻ کانپو شھر ۾ لڏپلاڻ ڪرڻ وارو سلسلو جاري آھي. جڏھن ته شھر کي بچائڻ لا رنگ بند ڏيڻ جو ڪم پڻ سست رفتاري سان جاري آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button