پاڪستان

ڀارت مان ڀاڄيون گهرائڻ جي تجويز تي غور ڪري سگهجي ٿو: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سبزين جي کوٽ ۽ مهانگائي ختم ڪرڻ لاءِ ڀارت سان واپار جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته حڪومت ماڻهن جي سهولت لا ڀارت مان ڀاڄيون ۽ کاڌي پيتي جون ٻيون شيون گهرائڻ تي غور ڪري سگهي ٿي ڇوجو هاڻوڪي ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ فصل تباهه ٿي ويا آهن پر ڀارت سان واپار بابت اهو منهنجو ذاتي خيال آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته ٻوڏ سبب 10 ڊالر جو نقصان ٿيو، رڳو رليف لاءِ هڪ ارب ڊالر گهربل آهي، سبزين جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ڪامرس کي تجويزون ڏيڻ لاءِ چيو آهي، منهنجو ذاتي خيال آهي ته غيرمعمولي حالتون آهن، جيڪڏهن ڀارت مان سبزيون درآمد ڪرڻيون پيون ته ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button