پاڪستان

شوڪت ترين جي پنجاب ۽ پختونخوا جي ناڻي وزيرن سان ڳالهه ٻولهه ليڪ

اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي سينيٽر شوڪت ترين جي پنجاب ۽ ڪي پي جي ناڻي واري وزيرن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ليڪ ٿي وئي آهي. سينيٽر شوڪت ترين پنجاب جي ناڻي واري وزير محسن لغار ۽ خيبرپختونخوا جي تيمور جهگڙا سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه منظرعام تي اچي وئي آهي. ليڪ ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ شوڪت ترين محسن لغاري کي چئي رهيو آهي ته جيڪا آءِ ايم ايف کي 750 ارب جي ڪمٽمنٽ ڏني آهي ان تي توهان سڀني صحيح ڪئي آهي پر هاڻي اهو چوڻو آهي ته اسان جيڪا ڪمٽمنٽ ڏني هئي اها ٻوڏ کان اڳ جي هئي ٻوڏ سبب اسان کي تمام گهڻو پئسو خرچ ڪرڻو پوندو. شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته اسان اهڙو سين ڪنداسين ته جيئن ائين نظر نه اچي ته اسان رياست کي نقصان پهچائي رهيا آهيون، اسان سڀ چاهيون ٿا ته مٿن دٻاءُ پوي، هي اسان کي گرفتار ڪرائڻ چاهين پيا، اسان تي دهشتگردي جا الزام مڙهي رهيا آهن، اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. پنجاب جي ناڻي واري وزير محسن لغاري شوڪت ترين کان سوال ڪيو ته ڇا ائين ڪرڻ سان رياست کي نقصان نه ٿيندو؟ جنهن تي شوڪت ترين جواب ڏيندي چيو ته جهڙي ريت چيئرمين (عمران خان) ۽ ٻين کي ٽريٽ ڪيو پيو وڃي ڇا ان سان رياست کي نقصان نه پيو ٿئي؟ شوڪت ترين ٽيلي فونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪي پي ڪي جي ناڻي واري وزير تيمور جهگڙا کان سوال ڪيو ته توهان خط تيار ڪري ورتو؟ جنهن تي تيمور جگهڙا چيو ته هينئر ئي تيار ڪري ٿو وٺان ، جڏهن ته موٽ هڪ پراڻو خط به پيو آهي. شوڪت ترين تيمور جگهڙا کي چيو ته خط ۾ سڀ کان پهرين پوائنٽ اها هوندي ته جيڪا ٻوڏ آئي آهي ان خيبرپختونخوا جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي اسان کي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ بحالي لاءِ تمام گهڻو پئسو گهرجي، مون لغاري (پنجاب جو ناڻي واري وزير) کي پڻ چئي ڇڏيو آهي. شوڪت ترين جي ڳالهين ته جگهڙا چيو ته هونئن اهو بليڪ ميلنگ جو حربو آهي؟ پئسا ته هونئن به ڪير نه ڇڏيندو، مان ته نه ڇڏيندس باقي لغاري جي خبر ناهي ته هو پئسا کڻندو يا نه.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button