پاڪستانسنڌ

راڌڻ لڳ گهر ڪرڻ سبب نوجوان فوت، مڇريل ماڻهن شهر جو بند ٽوڙي ڇڏيو

راڌڻ: راڌڻ لڳ ھڪ ڪلوميٽر پري برساتي پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺ امام بخش جانوري ۾ گهر ڪرڻ سبب بخت علي جانوري جو نوجوان درويش پٽ انصاف جانوري دٻجي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش کڻي وارث ۽ ڳوٺاڻا راڌڻ پھتا ۽ راجاڻي پيٽرول پمپ وٽ ميھڙ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هڻي زميندار سونو ڪمليش ڪمار راجاني، ڊي سي دادو، صوبائي وزير ايم پي اي فياض علي خان ٻٽ ۽ پ پ ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري غلام دستگير ڳورڙ خلاف نعريبازي ڪئي. مڇريل ماڻهن سونو ڪمليش پاران راجاڻي پمپ سامھون پنھنجي زمين، گهرن ۽ شھر کي بچائڻ لا ڏنل رنگ بند کي ٽوڙي ھٽائي ڇڏيو، جنهن ڪري پاڻي شھر جي پريم نگر منزل گاهھ کان ڪوٽائي ماڇي ڄام زرداري طرف نڪرڻ لڳو، بعد ۾ مڇريل ماڻھن راڌڻ شاخ کي ٻن جاين تان ڪٽ ڏنو ۽ پاڻي راڌڻ طرف وڌڻ لڳو، جنهن ڪري ويجهي ڳوٺن جا رهواسي ھٿيار کڻي نڪري آيا، جنهن دوران ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي وئي، جنهن سبب ماڻھن ۾ ڀاڄ پئٔجي وئي، 2 ڪلاڪ علائقو ميدان جنگ بڻيل رهيو. بعد ۾ ڳوٺاڻا لاش کڻي هليا ويا. هوڏانهن شهر ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button