پاڪستانسنڌ

ايم اين وي ڊرين جو پاڻي جوهي جي رنگ بند ڏانهن وڌڻ لڳو

جوهي: مصيبت جي هن گهڙي ۾ 2 مهينن کان جابلو ٻوڏ، برسات ۽ نين جي پاڻي جوهي ۽ ڪاڇي جي حالت انتهائي خراب ڪري ڇڏي، حيرت جي ڳالھ هي آھي ته جوهي ۽ ڪاڇي ۾ پري پري تائين انتظاميا ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿي اچي، لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻھن کان ٽرانسپورٽر پنهنجي مرضي جا ڪرايا وصول ڪرڻ لڳا آهن، ڪئمپن ۾ ويٺل ٻوڏ متاثر بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، پر انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن سندن سار نه لڌي آهي. ايم اين وي ڊرين کي ٻن هنڌن کان لڳل گهاري سبب پاڻي ٽي سي ايف اسڪول سميت سوين ڳوٺ ٻوڙڻ بعد جوهي-دادو روڊ جي مورين مان جوهي شھر کي بچائڻ لا ڏنل رنگ بند طرف وڌڻ لڳو آهي. هوڏانهن مقامي ماڻھن “سنڌ ايڪسپريس” کي ٻڌايو ته پاڻي ۾ مسلسل چاڙھه اچي رهيو آھي، رات جوهي-دادو روڊ ٽٽڻ جا امڪان آھن، جنهن ڪري جوهي جي شھرين جو زميني رابطو ضلعي هيڊ ڪوارٽر دادو سان ڪٽجي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button