پاڪستان

تحريڪ انصاف وارن کي ڪريل حرڪت تي شرم اچڻ گهرجي:مفتاح اسماعيل

ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته تحريڪ انصاف اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ڪريل حرڪت آهي، جنهن جو ماسٽر مائينڊ شوڪت ترين آهي، جڏهن ته هن معاملي جي دفاع ۾ ڳالهائڻ تي اسد عمر ۽ تيمور جهڳڙا کي شرم اچڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان ٻڏي رهيو آهي، هن وقت الله تعاليٰ کان پوءِ واحد آسرو آءِ ايم ايف جو پروگرام آهي پر تحريڪ انصاف وارا سازش ڪري رهيا آهن، ڇا پاڪستان کي عمران خان جي حڪمرانيءَ جي لالچ تي قربان ٿيڻ گهرجي، ڇا تحريڪ انصاف چيئرمين پاڪستان کان به مٿانهون آهي؟ هن چيو ته حڪومت سنڀالڻ کانپو آئون وزيراعظم شهباز شريف وٽ ويس ۽ کيس چيم ته سڀ کان پهرين پيٽرول مهانگو ڪرڻو پوندو، وزيراعظم کي چيو هو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي، اسان ان وقت ظاهر نه ڪيو ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائي ورتو، اسان پنهنجو سياسي سرمايو داءُ تي لڳايو، مون آءِ ايم ايف کان پروگرام ورتو. تحريڪ انصاف کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته جيڪڏهن ملڪ ناهي ته پي ٽي آ به نه رهندي. توهان ملڪ سان ائين ڪري رهيا آهيو، ڇا سياست لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيندا، عمران خان اقتدار ۾ اچي ڪهڙو ڦاڙهو ماريو، کيس ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، مون کي پختونخوا ۾ اهڙو ڪو اسڪول يا ڪاليج ڏيکاريو جيڪو سٺي تعليم ڏيندو هجي، ملڪ خلاف سازش ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، اوهان حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. هن مطالبو ڪيو ته تيمور جهڳڙا عهدي تان استعيفا ڏئي ۽ شوڪت ترين کي سياست ڇڏي ڏيڻ گهرجي، ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي سياست ڪندڙن جا اصل چهرا سامهون اچي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button