پاڪستان

سنڌ ۽ بلوچستان شديد متاثر،معيشت تباهه، آبادگارن کي مفت ٻج فراهم ڪرڻ جو اعلان

رٿابندي ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته اڳوڻي حڪومت جيڪڏهن 177 ارب رپيا خرچ ڪري ها ته اڄ 10 ارب ڊالرن جو نقصان شايد هڪ ارب هجي ها، سنڌ صوبي ۽ بلوچستان جي معيشت تقريبن تباهه ٿي چڪي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي آبادگارن کي مفت ٻج فراهم ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن وسيلا خوراڪ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ويجهڙ ۾ آيل ٻوڏ ۽ برساتن 2010ع جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، ملڪ جي انهن علائقن ۾ وڌيڪ برساتون پيون جتي گهٽ برساتون ٿينديون آهن. جن علائقن ۾ برساتون وڌيڪ ٿينديون هيون اتي گهٽ پيون آهن. ان ٻوڏ ۽ برساتن سبب پاڪستان جي فوڊ سيڪيورٽي کي وڏو نقصان پهتو آهي. جنهن ۾ چانور، ڪيلا ۽ ٻيون جنسون شامل آهن. هن چيو ته هزارين ميل روڊ تباهه ٿي چڪا آهن. 2017ع واري روڊ ميپ تي جيڪڏهن گذريل حڪومت عملدرآمد ڪري ها ته ملڪ اڄ ايڏي بحران جو شڪار نه ٿئي ها. جيڪڏهن اڳوڻي حڪومت 177 ارب رپيا خرچ ڪري ها ته 10 ارب رپين جو نقصان شايد هڪ ارب رپيا هجي ها. سنڌ ۽ بلوچستان جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي ۽ ان ٻوڏ مان تقريبن 3 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا جن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڊگهي مدي وارن منصوبن جي ضرورت آهي. هن چيو ته انشاءَ الله هن وقت پڻ پوري قوم 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ متاثرن وانگر متحد بيٺل آهي ۽ اسان سرخرو ٿينداسين. هن چيو ته اهي ملڪ جيڪو اڳ ئي غذائي کوٽ جو شڪار آهي ان کي آفت کان پوءِ چئلنيجز وڌي ويا آهن. اسان جي عورتن ۽ ٻارن ۾ غذائي کوٽ سبب مختلف بيماريون حملو ڪري چڪيون آهن ان لاءِ حڪومت قدم کڻندي. هن چيو ته جيترو به غريب آبادگارن جو نقصان ٿيو آهي وزيراعظم جي هدايت تي هارين کي مفت ٻج فراهم ڪنداسين ۽ انهن جي بحالي جو ڪم هاڻي کان شروع ٿي رهيو آهي. هن چيو ته منگلا ڊئم اڄ به اڌ خالي آهي، ٻوڏ سبب اسان جي فصلن کي وڏو نقصان پهتو آهي. وسيلا خوراڪ اسان جي لاءِ هڪ نهايت اهم پروگرام آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب جي لاءِ ترقي جو پروگرام شروع ڪيو آهي، هن پروگرام جي ماليت 40 ارب رپيا آهي، هي پروگرما پاڪستان جي 20 ضلعن ۾ شروع ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button