پاڪستان

عمران خان کي عدالت مان رليف، تقرير لائيو نشر ڪرڻ تان پابندي ختم

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي تقرير لائيو ڏيکارڻ تان پابندي هٽائي پيمرا جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته درخواستگذار جي نظر ۾ پيمرا نوٽيفڪيشن جاري ڪري پنهنجا اختيار اورانگهيا آهن، پيمرا کي اهڙو ڪو به حڪم نامو جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي، عدالت عمران خان جي درخواست تي پيمرا ۽ اٽارني جنرل کي پڻ نوٽيس جاري ڪيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله تحريڪ انصاف چيئرمين جي درخواست تي شنوائي ڪئي، عمران خان طرفان بئريسٽر علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت جا ٿورا مڃيندي چيو ته ملڪ ۾ ٻوڏ سبب صورتحال خراب آهي ۽ عمران خان ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيو گڏ ڪرڻ چاهي ٿو پر پيمرا سندس لائيو تقرير تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله بئريسٽر علي ظفر کان سوال پڇيو ته عمران خان پنهنجي تقرير ۾ ڇا چيو هو، ان جو ٽرانسڪرپٽ پڙهي ٻڌايو. تقرير جو ٽرانسڪرپٽ ٻڌڻ بعد چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڇا توهان عمران خان جي ڳالهه جو ڪو جواز پيش ڪري سگهو ٿا؟ اظهار جي آزادي ضروري آهي پر ان جون حدون پوري دنيا ۾ طئي ٿيل هونديون آهن، عدالت اهڙن ڪيسن کي ڏسي رهي آهي، گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس به سڀني جي سامهون آهي. چيف جسٽس چيو ته هن عدالت سدائين صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ايگزيڪيوٽو جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي آهي، اسان ڪيترائي ڪيس ڪابينا ڏانهن موڪليا، عورت جج کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، ڇا عدليا کي اهڙي نموني عوامي هنڌ تي ڌمڪيون ڏئي سگهجن ٿيون؟ جيڪڏهن پيڪا آرڊيننس رد نه ڪيو وڃي ها ته هي سڀ اندر هجن ها ۽ ضمانت به نه ٿئي ها. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن توهان کي ڪو اعتراض آهي ته توهان فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪريو، باقي ڪنهن ليڊر کان اهڙي بيان جي اميد نٿي رکي سگهجي، منهنجي خلاف ٽوئيٽ ۽ ساٿي جج سان گڏ تصوير به وائرل ڪئي وئي، ڇا ججن کي اهڙي طريقي سان ڌمڪيون ڏئي سگهجن ٿيون. چيف جسٽس چيو ته 3 سالن کان انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، افسوس جي ڳالهه آهي ته موجوده حڪومت به اهو ئي ڪري رهي آهي جيڪو گذريل 3 سالن کان ٿي رهيو آهي، اهو ڳري دل سان چئي رهيو آهيان ته مون کي اها اميد نه هئي ته عدليا کي به خطرو هوندو، هڪ عورت جج کي ڌمڪيون ڏنيون ويون. اهي ڳالهيون منهنجي باري ۾ هجن ها ته مون کي پرواهه نه هجي ها، ماتحت عدليا جي اهميت تمام گهڻي آهي. جتي عام ماڻهو وڃي ٿو. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عمران خان پنهنجي بيان جا ثبوت حاصل ڪيا آهن ۽ سندس خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪا اعتراض واري ڳالهه ڪئي وڃي ته ان تي توهين عدالت جي ڪارروائي هلي رهي آهي، ان بنياد تي ڪنهن جي تقرير تي مستقل پابندي نٿي لڳائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button