
فلڊ ڪميشن ملڪ ۾ تازو آيل ٻوڏ کي 2010ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنگين قرار ڏنو آهي. رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ اين ڊي ايم اي ۽ فلڊ ڪميشن عملدارن طرفان امدادي ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني وئي. فلڊ ڪميشن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته تازو آيل ٻوڏ 2010ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنگين آهي. اجلاس دوران وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته برساتن جي اڳڪٿي ۽ تباهي جو صحيح ڪاٿو لڳائڻ سان قيمتي حياتيون بچائڻ ۾ مدد ملندي، حڪومتي ادارا پنهنجي سڌ سما وارن شعبن کي فعال ڪن، افراتفري پکيڙيندڙ ڪوڙين خبرن، افواهن ۽ من گهڙت رپورٽن جي روڪٿام کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ کانپوءِ مليريا، ڪالرا، هيپاٽائيٽس ۽ ڊينگي جي روڪٿام لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي. احسن اقبال موبائيل فون ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته متاثر علائقن سروس بحال ڪرڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن.