عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ۽ ڀرپاسي ۾ بااثر زميندار پنهنجي زمينن جو پاڻي لفٽ مشينن ذريعي ڪڍي واهن ۽ شاخن ۾ ڇوڙ ڪرڻ لڳا، جنهن سبب گذريل رات آبپاشي سب ڊويزن ٽنڊوآدم ٽو جي ڀوڦاڙ شاخ مان نڪرندڙ ٿاڻو مائينر شاخ کي عثمان شاھه ھڙي ويجھو ڳوٺ حاجي عبدالله بلوچ وٽان 50 فوٽ گھارو پئجي ويو، جنهن سبب ڳوٺ عبدالله بلوچ ۽ عبدالرسول سميت ڀرپاسي جا ڪيترائي گھر ٻڏي ويا، گهاري جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ سبب رهواسي پريشان ٿي ويا. ٻئي طرف برسات ۾ ٻڏل ڪيترن ئي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب ڪيترائي خاندان ڳوٺن ۾ ڦاٿل آهن، جن جي انتظاميا ڪابه واهر ناهي ڪئي. برساتي پاڻي بيهڻ سبب ڪمند، ڪيلو، وونئڻن ۽ ڀاڄين جا فصل مڪمل طور تباھه ٿي ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close