اسلام ڪوٽ: ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپني طرفان ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لا امدادي سامان ڊي سي ٿر حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ٿرڪول بلاڪ ون جي پاور پلانٽ سائيٽ تي ڪمپني جي سي او مسٽر لي چينگ، برگيڊيئر فرخ نسيم ۽ ڊي سي ٿرپارڪر حفيظ سيال وچ ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سي او ٻوڏ متاثر 2 سئو خاندانن جي کاڌ خوراڪ جو سامان، پيئڻ لا صاف پاڻي، خيما ۽ ٻيو سامان ڊي سي حوالي ڪيو ويو. ڪمپني موجب ٿرڪول بلاڪ ون ۽ سيلاني ٽرسٽ جي وچ ۾ 15 هزار ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ سامان ورهائڻ جو معاهدو پڻ ٿيو آهي، جلد بدين، ٺٺو، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ سامان ورهايو ويندو. ان موقعي ڊي سي ٿر حفيظ سيال صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪمپني طرفان مليل امدادي سامان حقيقي متاثرن تائين پهچايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close