پاڪستانسنڌ

پيرولاشاري لڳ ڳوٺاڻن جو شھرن ڏانهن اچڻ وڃڻ ٻيڙين تي ٿي ويو

پيرولاشاري: پيرولاشاري لڳ يوسي گهڙو ۾ تازو برساتن سبب ڪافي ڳوٺ مڪمل پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، ڳوٺاڻن جو شھرن ڏانهن اچڻ وڃڻ ٻيڙين تي ٿي ويو آهي، ڳوٺ حمزو ملاح ڏيئي ڍنڍ جي رهواسين حڪيم ملاح، حنيف ملاح، رزاق ملاح، صالح ملاح ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته موجوده مسلسل برساتن سبب اسان جا ڪافي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن.

برسات سبب سم نالا، ڍنڍون ۽ ڍورا ڀرجي وڃڻ ڪري اسان جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي. ھنن ٻڌايو ته وڏي پاڻي ھئڻ سبب اسان جو اٿڻ ۽ ويهڻ لاچار ٿي ويو آهي، پاڻي هئڻ ڪري مڇر ۽ بلائون به ظاهر ٿي ويو آهن. ھنن مطالبو ڪيو ته ڊي سي بدين فوري نوٽيس وٺي اسان جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائي ۽ کاڌي پيتي جو سامان وغيره اسان کي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button