پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ برساتن سبب 402 ماڻهو فوت ۽ 860 اربن جو نقصان ٿيو آهي: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ۽ حيدرآباد رين ايمرجنسي جي فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تازين سانوڻي برساتن ۾ پوري سنڌ ۾ 402 ماڻهو فوت ٿيا آهن ۽ 1055 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ابتدائي انگ اکرن موجب برساتن جي تباهڪارين کان سنڌ ۾ ڪل 860 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. پنهنجي جاري بيان ۾ صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته سانوڻي برساتون سال 2022 دوران تمام گهڻيون پيون آهن. جولائي جي مهيني ۾ 308 سيڪڙو کان وڌيڪ برساتون پيون، جڏهن ته آگسٽ ۾ 784 سيڪڙوکان وڌيڪ برساتون پيون. هن چيو ته 2010 جي ٻوڏ سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري جڏهن ته 2011 جي برساتن سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري کي متاثر ڪيو هو. 2022 جي برساتن صوبي جي سمورن 30 ضلعن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي.

صوبائي وزير چيو ته زوردار برساتن بعد سنڌ ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي. هن وقت 550،000 ڪيوسڪ کان وڌيڪ سيلابي ريلو سنڌ جي بيراجن وٽان گذري رهيو آهي. ڪچي جا سمورا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهن سان هزارين خاندان بي گهر ٿي ويا آهن. هن چيو ته اٽڪل 15 لک گهر متاثر ٿيا آهن، جن جي لاڳت 450 ارب رپيا آهي. 11734 چوپايو مال مري چڪو آهي، جن جي ماليت 903،96 ملين رپيا آهي. جڏهن ته 3171726 ايڪڙ ايراضي تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن، جن جي مجموعي ماليت 335 ڏهائي 44 ارب روپيا آهي. هن چيو ته ڪپهه جو 1467579 ايڪڙ ايراضي تي بيٺل 100 سيڪڙو فصل تباهه ٿي چڪو آهي. جنهن جو 205461 ڏهائي 06 ملين روپين جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. کجي جي 101379 ايڪڙ ايراضي تي 100 سيڪڙو فصل متاثر ٿيو آهي. جنهن جي لاڳت 7096 ڏهائي 53 ملين روپيا لڳايو ويو آهي. ڪمند جي 158916 ايڪڙ تي بيٺل 21 ڏهائي 78 سيڪڙو فصل تباهه ٿيو آهي، جنهن جي لاڳت 11918 ڏهائي 7 ملين روپيا آهي. چانور جو 1063273 ايڪڙ تي بيٺل 71 ڏهائي 46 سيڪڙو فصل متاثر ٿيو آهي، جنهن جو نقصان 52100 ڏهائي 37 ملين روپيا آهي. ان کان علاوه خريف جون ڀاڄيون، ٽماٽا، مرچ، بصر ۽ ٻين فصلن کي پڻ تمام گهڻو نقصان رسيو آهي ۽ آبادگارن کي اربين روپين جو نقصان ٿيو آهي. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته 2281 ڏهائي 5 ڪلو ميٽر ڊگها 570 روڊ متاثر ٿيا آهن. جنهن سان 22 ڏهائي 8 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي. حيدرآباد ڊويزن ۾ 843 ڏهائي 5 ڪلوميٽر ڊگهو 101 روڊ، 20 پلون متاثر ٿيون آهن. سکر ڊويزن ۾ 1002 ڪلوميٽر ڊگهو 256 روڊ ۽ 18 پل تباهه ٿيون آهن. شهيد بينطيرآباد ۾ 136 ڏهائي 8 ڪلوميٽر 125 روڊن کي نقصان پهتو آهي. لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 96 ڪلوميٽر جي 12 روڊن ۽ 6 پلن کي نقصان پهتو آهي. جڏهن ته ميرپورخاص ۾ 146 ڏهائي 22 ڪلوميٽر 23 روڊ متاثر ٿيا آهن.

هن چيو ته ڪراچي ڊويزن ۾ روڊن، پلن ۽ پاڻي جي نيڪالي واري نظام سميت انفرااسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، جنهن جي لاڳت 50 ارب روپين کان وڌيڪ لڳائي وئي آهي. سنڌ حڪومت پاران امدادي ڪارروائيون جاري آهن. سنڌ جو وڏو وزير امدادي ڪارروائين جي پاڻمرادو نگراني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج، نيوي ۽ فضائي فورس به سول انتظاميا جي هن مشڪل گهڙي ۾ امدادي ڪارروائين ۾ ڀرپور مدد ڪري رهي آهي. هن چيو ته برساتن متاثرن کي شيلٽر مهيا ڪرڻ لاءِ 10 لک خيما، 30 لک مڇردانيون، 5 لک پلاسٽڪ ميٽ/چٽائي، 5 لک وولن ميٽريس، 10 لک ترپال شيٽس، 10 لک ڪچن سيٽس ۽ ٻيون گهربل شين جي ضرورت آهي. جڏهن ته متاثرن کي ٻن مهينن تائين 20 لک راشن بيگس مهيا ڪرڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. هن مهل تائين سنڌ حڪومت 95770 خيما، 163295 مڇردانيون، 45960 پلاسٽڪ ترپال، 3820 فولڊنگ بيڊس ۽ ٻيو سامان متاثرن کي مهيا ڪيو آهي، جڏهن ته متاثرن ۾ 52000 راشن بيگس ورهايا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت برساتي تباهڪارين سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جو ازالو ڪندي. متاثر ٿيل علائقن ۾ گهرن جي نقصان جو معاوضو، فصلن جي معاوضي جي منظوري ڏني ويندي. سنڌ حڪومت زرعي قرضن تي وياج جي معافي ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ موخر ڪري قسطن جي ادائيگي کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ جو انتطام ڪندي، هارين کي زرعي مشينري، ڀاڻ، جيت مار دوائون ۽ ٻجن تي سسبڊي جي گرانٽ مهيا ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button