پاڪستانسنڌ

ميرواهه گورچاڻي ۾ وظيفي واري رقم نه ملڻ خلاف عورتن جو مظاهرو

ميرواہه گورچاڻي: ميرواہه گورچاڻي ۾ ٻوڏ متاثر عورتن رليف ڪئمپ ہائير سيڪنڊري اسڪول ٻاهران نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ عورتن حوا، وجهو ڪولھي، ماوان ٻائي، شنڪر، سندرا، خيري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هڪ طرف برسات ۾ ٻڏل آهيون، سڀ ڪجهه ختم ٿي لڙهي ويو، روڊن تي نڪري ٻار بچائي ويٺا آهيون، پر اسان کي سرڪار راشن ۽ ٻيو سامان نٿو ڏنو وڃي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت قائم ڪيل ايڇ بي ايل ڪنيڪٽ ڊوائيس وارا پئسا نٿا ڏين، روز ڀاڙا ڀري 25 هزار جي قسط وٺڻ لاءِ اچون ٿا، پر سڄو ڏينهن انتظار ڪري بک تي واپس هٿين خالي وڃون ٿا، ڊوائيس وارا چون ٿا ته اسان کي حڪم ناهي. هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته جلد اسان کي 25 هزار رپين واري قسط جاري ڪئي وڃي. ٻئي طرف ايڇ بي ايل ڪنيڪٽ ڊوائيس هلائيندڙ راڻو ڪولھي ٻڌايو ته مٿان کان انتظاميا پاران لوڪيشن تبديل ڪئي وئي آهي، جنهن سبب عورتون ۽ اسان پريشان آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button