پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ برساتي پاڻي نه ڪڍڻ خلاف متاثرن جو مظاهرو

سامارو: سامارو ڀرسان متاثر ڳوٺاڻن ٻڏل ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ ۽ امداد نه ملڻ خلاف ڌرڻو هنيو. سامارو شھر ڀرسان پپري موري وٽ ديهھ اڀرندو کاروڙو جي برساتي پاڻي ۾ ٻڏل مختلف ڳوٺن جي متاثر مردن، عورتن ۽ ٻارن خانچند ميگھواڙ، مائوجي ڪولھي، سروپچند، روپشي، سيتا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پپري موري وٽ مين روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي عمرڪوٽ روڊ 3 ڪلاڪن تائين بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب سامارو، عمرڪوٽ، ڪوٽ غلام محمد، ڪنري، پٿورو، جھڏو ۽ ٻين شھرن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي هنن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ديھه اڀرندو کاروڙو ۾ اسان جا ڪيترائي ڳوٺ ڪنورو ميگھواڙ، چيتن ميگھواڙ، پريمون ميگھواڙ، نٿورام مالھي، علي ڪپري، اختر قائمخاني ۽ ٻيا ڳوٺ وڏي برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھن، جنھن سبب اسان جا ڪکاوان ڪچا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن، ان ڪري ڪيترن ئي ڏينهن کان روڊن رستن تي دربدر آهيون، پر تعلقي انتظاميا ڪيترائي ڏينھن گذرڻ باوجود ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو، مختيارڪار ۽ اي سي خيما، راشن ۽ ٻيو سامان ناهي ڏنو، جنهن سبب ٻار بکن تي آهن، مڇرن سبب راتون جاڳي گذاريون پيا، پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي. انتظاميا سياسي ماڻهن جي من پسندن کي خيما، راشن، مڇردانيون ۽ ٻيو سامان ڏئي اسان سان ظلم ڪري رهي آهي. ھنن اعلى اختيارين کان گھر ڪئي ته جلد ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي خيما، راشن ۽ ٻيو سامان ڏنو وڃي. احتجاج دوران اي سي سامارو حطف سيال مظاھرين سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button