سنڌڙي: کپرو ۾ سنڌڙي واسي نوجوان کي مبينا مقابلي ۾ زخمي ڪرڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو. سنڌڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهوسايو ٻرڙو جي رهواسي نوجوان عبدالستار ٻرڙو جي وارثن غلام مصطفى ٻرڙو، مرتضى ٻرڙو ۽ ٻين مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. وارثن چيو ته کپرو پوليس 5 لک رپيا رشوت گهري، نه ڏيڻ تي نوجوان کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد ڪوڙو مقابلو ڏيکاريو. هنن چيو ته کپرو پوليس کپرو ڪورٽ مان کنڀي کڻي 5 ڏينهن گم ڪرڻ کانپو شهدادپور پوليس حوالي ڪيو، جنهن بد پوليس ٻيراڻي روڊ تي مبينا مقابلو ڏيکاري نوجوان عبدالستار ٻرڙو کي گوليون هڻي زخمي ڪيو، جيڪو ظلم آهي. هنن گهر ڪئي ته ايس ايڇ او اسلم بلو ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ عبدالستار تي داخل ڪيل سمورا ڪيس ختم ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close