شاهپور چاڪر: سکر ۾ ٻوڏ متاثرن ۽ اسٽيپ فائونڊيشن جي ٽيم مٿان تشدد خلاف شاهپور چاڪر ۾ اسٽيپ فائونڊيشن ٽيم پاران ضلعي صدر لالا لياقت جهلڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ سماجي اڳواڻن سميت عورتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي لالا لياقت جهلڻ، آزاد اسلم ابوپوٽو، سھراب شر، ذوھيب لاکو، اسد ڏاھري ۽ ٻين چيو ته وزيراعظم شھباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري آڏو احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر عورتن مٿان پولیس تشدد ڪري کين کنڀي گم ڪيو آهي، جيڪو ظلم آهي. هنن چيو ته شائسته بلوچ هر غريب جي مدد ڪندي رهي آهي، جنهن جي پرامن احتجاج مٿان حملو برداشت نه ڪنداسين، سکر جو ايس ايس پي سنگهار ملڪ وڏيرن جو ونگارو بڻيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ کي عھدي تان ھٽائي گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close