پاڪستانسنڌ

گهوٽڪي ضلعي ۾ نجي ڪمپنين متاثرن جي سار نه لڌي، احتجاج

اوٻاوڙو: ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي اوٻاوڙي جي برسات مٿاثرين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ضلعي گھوٽڪي ۾ اينگرو فرٽيلائزر ڪمپني، ايف ايف سي ماڙي گيس ڪمپني ۽ پنج شگر ملن سميت ڪيترين ئي ملٽي نيشن ڪمپنين برسات متاثرن جي مدد نه ڪئي. ٻي پاسي ڪروڙين رپين جي بجيٽ باوجود ڄام ممتاز ڊگري ڪاليج ۾ ويٺل متاثرن کي کاڌ خوراڪ جو سامان به نه مليو. ذَريعن مطابق برسات متاثرين لا آيل ٽينٽ ۽ راشن مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار معرفت وڏيرن ۽ ڀوتارن حوالي ڪرڻ لا مختيارڪار ھائوس ۾ رکي ڇڏيا آهن، جنهن بعد من پسندن کي راشن ۽ ٽينٽ ڏيڻ لا لسٽون ٺاهيون پيون وڃن. هوڏانهن برسات متاثرن دانهيندي ٻڌايو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات متاثر بچا بندن ۽ واھن جي ڪپرن تي کليل آسمان ھيٺ نٽھڻ اس ۾ عذاب واري زندگي گهاري رهيا آهيون، انتظاميا خيما، راّشن ۽ مڇردانيون به فراهم نه ڪيون آهن، جڏهن ته گيسٽرو ۽ مليريا ۾ رهواسي وٺجي ويا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان واهر جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button