پاڪستانسنڌ

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف مارچ

حيدرآباد: سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد ۾ مارچ ڪيو ويو، مارچ گل سينٽر کان سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ مسرور شاهھ، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ لال شاهه، مظھر راھوجو، روشن ٻرڙو، ڊاڪٽر بدر چنا، زينت سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتو. جيڪو پريس ڪلب تي پهچي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو، وڏي انگ ۾ قومي ڪارڪنن ۽ سوين سنڌياڻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته مسلسل برساتن سبب سنڌ ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي، برساتن سبب غريب مسڪين ماڻهن جا اجھا ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جنهن ڪري برسات متاثر بي يارو مددگار بڻجي کلي آسمان هيٺ بُکن ۾ ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيا آهن، شهرن ۾ برسات جي پاڻي جي نيڪال جو نظام درست نه هجڻ سبب روڊ رستا ۽ گهر پاڻي ۾ آهن، حڪمران پنهنجن گهرن ۽ آفيسن ۾ سڪون سان آهن، موڊ ٿئي ٿو ته گهمڻ خاطر ڪنهن علائقي جو چڪر لڳائي اچن ٿا، پر عوام جي رليف جو ڪو ڪم نه پيو ٿئي. هن چيو ته برساتن سان سنڌ جي زراعت کي به ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، پورهيت طبقي جي مھانگائي ۽ برساتن سبب انتهائي خراب صورتحال آهي پر سنڌ حڪومت عوام کي ڪوبه رليف ناهي ڏئي سگهي، سرڪاري هڪ ڪمري وارن اسڪولن کي رليف ڪئمپ جو نالو ڏئي انگن اکرن ۾ سئو سئو خاندانن کي اتي رهائش ڏيکاري ڪرپشن ڪري رهي آهي.

قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته ھن وقت روڊن جي ڪنارن ۽ بدبودار پاڻي جي دٻن ڀرسان شاھوڪار سنڌ جا ماڻهو لاوارث بڻيل آهن، سنڌ حڪومت قدرتي آفت جو نالو ڏئي پنهنجي انتظامي نااھلي، ڪوتاهي، بدنيتي ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رھي آھي، برسات متاثرن جي بحالي لاءِ سڄي سنڌ جي ماڻهن کي ڀرپور آواز بلند ڪرڻ گهرجي، سڄي سنڌ ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي. حڪومت متاثرن کي لاوارث ڇڏڻ بدران نقصان جو ازالو ڪري، برسات سبب غريب متاثر پورھيت بکن ۾ پاھه ٿي بي يارو مددگار آھن.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهھ خطاب ڪندي چيو ته آصف زرداري جي ڪرپشن، نااهلي ۽ سنڌ تي مسلط ڪيل ڪرپشن سڄي سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، ڪرسي جي پوڄاري وفاقي ۽ سنڌ حڪومت عوام کي بيحال ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ آيل تباهي جا ذميوار سنڌ حڪومت، زرداري مافيا ۽ مراد علي شاھه آھن، انهن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن. هن چيو ته شهباز شريف سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن کي 15 ارب امداد ڏئي پيپلزپارٽي لاءِ ڪرپشن جو رستو کولي ڇڏيو آهي، خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن سبب سنڌ ۾ تازين برساتن ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪئي آهي، سنڌ جو هر ڳوٺ ۽ شهر ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي، وڏي تعداد ۾ ماڻهو ۽ چوپايو مال مري ويو آهي، سوين گهر ڊهي پٽ ٿي پيا آهن، لکين ماڻهو دربدر ٿي ويا آهن، هزارين ڳوٺ ٻڏي ويا، لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباھه ٿي ويا، تيز برساتن سبب ٻوڏ جو نقصان تيزي سان وڌي رهيو آهي.

جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن ھٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو آھي، سم نالن، شاخن ۽ واھن کي گھارا لڳڻ ڪري فصل ۽ ڳوٺ ٻڏي رھيا آھن ۽ ڊرينيج سسٽم تباھه ھجڻ ڪري شھر، بازارون ۽ رستا ٻڏل آھن، نااھل ۽ ڪرپٽ حڪمران اربين روپين جي ڪرپشن ل معصوم ماڻھو ماري رھيا آھن. عوامي جمهوري پارٽي جي صدر لال شاهھ چيو ته چونڊيل نمائندن، صلاحڪارن کي پنهنجن تڪن تائين پهچڻ گهرجي، عدالتون امداد جي نگراني ڪن، سنڌ جي سمورن شهرن ۽ ڳوٺن جي گهرن ۽ رستن مان پاڻي ڪڍيو وڃي، جڏهن ته واٽر ڪورسز ۽ قدرتي پاڻي جي لنگھن تان فورن اڏاوتن ختم ڪيون وڃن. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاهھ ۽ ٻين پڻ مارچ کي خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button