پاڪستان

وڏو نقصان سنڌ ۾ ٿيو آهي جتي چار چار فوٽ پاڻي بيٺل آهي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته وڌيڪ مسئلو سنڌ ۾ آهي جتي چار چار فوٽ پاڻي بيٺو آهي، سنڌ ۾ اسان کي متاثرن کي گهر ٺاهي ڏيڻا پوندا. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سوات جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ متاثر عورتن، ٻارن، بزرگن ۽ ٻين ماڻهن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته ڪالام ۾ ڪافي نقصان ٿيو آهي 2010ع جي ٻوڏ ۾ به هتي ايتري ئي تباهي ٿي هئي، انهن هنڌن تي ٻيهر اڏاوتن جي اجازت ڏئي غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو ان ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪمراٽ جي جبلن تي ڦاٿل سياحن ۽ ٻين شهرين کي هيليڪاپٽرز ذريعي ريسڪيو ڪري ڪانجو ڪينٽ آندو ويو جتي آرمي چيف ٻوڏ متاثرن ۽ سياحن سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته ڪالام ۾ پل ۽ هوٽل تمام گهڻا تباهه ٿيا آهن، هن وقت سڀ کان ضروري آهي ته ڪالام روڊ کوليو وڃي، اميد آهي ته 6 کان 7 ڏينهن ۾ روڊ کوليو ويندو جنهن کانپوءِ اتي ڦاٿل ماڻهن تائين راشن پهچايو ويندو. آرمي چيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪالام ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍي رهيا آهيون ۽ هاڻي اتي بحران واري صورتحال ناهي، اها صورتحال ان وقت ٿي سگهي ٿي جڏهن اسان بند روڊ کولڻ ۾ ناڪام ٿيون پر جلدي روڊ کوليو ويندو ڇوجو سيارو اچڻ وارو آهي ۽ اتان جي رهواسين کي سياري جو سامان گڏ ڪرڻو پوندو آهي. آرمي چيف چيو ته هن وقت فلاحي ادارن، سياسي پارٽين ۽ پاڪ فوج پنهنجا رليف سينٽر کوليا آهن، جڏهن ته ٻوڏ متاثرن جي امداد جي اپيل تي تمام سٺي موٽ ملي آهي ۽ اين سي او سي جي طرز تي هيڊ ڪوارٽرز ٺاهيو ويو آهي جتي سموري امداد جي ڊيٽا گڏ ٿيندي. هن چيو ته هيڊ ڪوارٽر مان رٿابندي وارو وزير امداد هيڏانهن اماڻيندو، جتي ضرورت پوندي ان مطابق ماڻهن کي امداد ڏني ويندي، ماڻهن طرفان رسپانس تمام سٺو اچي رهيو آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي ٽن راشن گڏ ٿي رهيو آهي پر هاڻي راشن جو نه پر خيمن جو مسئلو ٿيندو ڇوجو خيما ملڪ ۾ ايتري انگ ۾ موجود ناهن. آرمي چيف چيو ته پرڏيهه مان خيما گهرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر فوج طرفان به خيما فراهم ڪيا پيا وڃن، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خيمن جي وڌيڪ ضرورت آهي. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته گڏيل عرب امارتن، ترڪيا ۽ چين مان امدادي سامان جون اڏامون اچڻ شروع ٿي ويون آهن جڏهن ته سعودي عرب ۽ قطر مان به اڏامون اچڻ شروع ٿي وينديون ان کانسواءِ پئسا به ايندا. آرمي چيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته دوست ملڪن پاڪستان کي مصيبت ۾ ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو، انشاءالله اڳتي به نه ڇڏيندا، ان کان علاوه صورتحال ۾ پاڪستانين خاص طور تي سمنڊ پار پاڪستانين جي سٺي موٽ ملي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اسان کي متاثرن کي گهر ٺاهي ڏيڻا پوندا ۽ اسان انشاء الله متاثرن کي “پري فيبريڪيٽڊ” گهر ٺاهي ڏينداسين پر هتي ايترو مسئلو ناهي، وڌيڪ مسئلو سنڌ ۾ آهي جتي چار چار فوٽ پاڻي بيٺو آهي، اهڙي طرح مسئلو بلوچستان جو آهي جتي ڳوٺن جا ڳوٺن ميسارجي چڪا آهن، هتي نقصان ٿيو آهي پر ايترو وڏو نقصان ناهي ٿيو جيترو سنڌ ۾ ٿيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي شديد نقصانن جو ڪاٿو اڃا ٿيڻو آهي ۽ وڏي پيماني تي ٿيندڙ نقصانن جي ڪاٿي لاءِ سروي ضلعي انتظاميا، صوبائي حڪومتون ۽ فوج ملڪ ڪري ڪندي. ان دوران آرمي چيف سوات جي ڪالام، بحرين، خوازه خيلا ۽ مٽا جي علائقن سميت مختلف هنڌن تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ آرمي جي جٿن جي امدادي سرگرمي جي فضائي نگراني به ڪئي. آرمي چيف بحران دوران اثرائا ۽ وقت سر قدم کڻڻ ۽ قيمتي حياتيون بچائڻ يت ڪور ڪمانڊر پشاور جي واکاڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button