پاڪستان

سنڌو درياهه ۾ تونسا وٽ انتهائي وڏي درجي جي ٻوڏ، الرٽ جاري

اسلام آباد: نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي الرٽ جاري ڪيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ سنڌو درياهه ۾ تونسا واري هنڌ تي انتهائي اوچي درجي جي ٻوڏ هوندي. اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته خانپور ڀرسان چاچڙان شريف واري هنڌ تي 7 لک 25 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو گذري رهيو آهي، درياءَ ڪناري سوين ڳوٺ، وڏي پکيڙ تي فصل پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن ۽ ڪيترائي گهر ڪِري پيا آهن. وڌيڪ ٻهراڙيون متاثر ٿيڻ جي خطري سبب انتظاميا وسنديون ۽ ڳوٺ خالي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن ليا ۾ ڪيترائي هيٺيان علائقا ٻڏي ويا، 77 اسڪول ۽ 11 صحت مرڪز به پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي به پاڻي جي سطح مسلسل وڌي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button