پاڪستانسنڌ

40 لک بي گهر ماڻهن لاءِ ڪراچي ۾ الڳ ڪائونٽر جوڙڻ جو فيصلو

ڪراچي :تازي تباهي آڻيندڙ ۽ موت جي منهن ۾ ڌڪيندڙ ٻوڏ دوران سنڌ ۾ 40 لک بي گهر ٿيل گهراڻن لاءِ ڪراچي جي اسپتالن ۾ الڳ ڪائونٽر رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته رليف ڪئمپن ۾ مليريا، ڊينگي، ڊائريا ۽ گيسٽرو سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل 62 هزار مريضن جو روزانو علاج ڪيو پيو وڃي. هي ڄاڻ صحت ۽ بهبودي واري وزير ۽ پاڪستان ۾ عالمي صحت واري اداري جي نمائندي وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻڌائي وئي. ملاقات جو اهتمام سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي جاري امداد بابت معاملن جو جائزو وٺڻ، ڊبليو ايڇ او ۽ صوبائي صحت کاتي وچ ۾ تعاون جي امڪاني طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ڪيو ويو. ميٽنگ دوران صحت وارو سيڪريٽري ذوالفقار شاهه، پارلياماني صحت وارو سيڪريٽري قاسم سراج سومرو ۽ ڊبليو ايڇ او جي عهديدار ڊاڪٽر سارا سلمان به موجود هئي. ملاقات ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندي پاليٿا ڪنارا ٿنا مهيپالا قدرتي آفت تي افسوس ظاهر ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هن کان اڳ ايڏي وڏي تباهي ناهي ٿي. هن چيو ته ڊبليو ايڇ او هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو. ڊاڪتر عذرا پيچوهو ٻوڏ متاثرن جي ضرورتن جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻوڏ سٽيل علائقن جي شهرين کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ موبائيل هيلٿ يونٽن جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي ته جيئن ٻوڏ جي پاڻي جي ڪري جن علائقن جو زميني رابطو ڪٽيل آهي، اتان جي شهرين کي طبي امداد فراهم ڪري سگهجي. ڊاڪٽر پاليٿا گناراٿنا مهيپالا پنهنجي اداري پاران 10 ڊبل ڪئبن گاڏيون ۽ 10 ريگيولر وينز جي آڇ ڪئي. جن کي موبائيل هيلٿ يونٽ طور استعمال ڪيو ويندو. عذرا پيچوهو صوبي ۾ ڳورهاري عورتن جون ضرورتون ۽ اهي ضرورتون پوريون ڪرڻ بابت پنهنجي ڳڻتي ظاهر ڪئي. هن چيو ته گدلي ماحول جي ڪري تپ دق، هيپاٽائيٽس بي ۽ سي، ايڇ آئي وي ۽ ٽائيفائيڊ جهڙيون بيماريون منهن ڪڍنديون. ڳورهاري عورتن جي رجسٽريشن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ان سان امدادي ڪمن ۾ شريڪ رضاڪارن کي اهو ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي ته اهي انهن عورتن جي علاج کي ترجيح ڏين جن کي ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي. سنڌ ۾ هن وقت 43 لک 85 هزار 722 آئي ڊي پيز آهن جن کي صوبي جي مختلف ليبر ڪالونين ۾به ترسايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button