اسلام آبادپاڪستان

منشيات بابت ڏوهن لاءِ موت يا عمر قيد جي سزا تجويز:ترميمي بل منظور

اسلام آباد :صدر ڊاڪٽر عارف علوي منشيات ڪنٽرول (ترميمي) بل 2022 جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني. منشيات ڪنٽرول ايڪٽ ۾ غيرقانوني منشيات بابت ڏوهن لاءِ موت يا عمر قيد جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي. سزائون هيروئن، ڪوڪين ۽ آئيس سميت مختلف مقدار جون نشي واريون دوائون ۽ منشيات تي ڏنيون وينديون. صدر جي منظوري کانپوءِ هي بل منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022 جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. هيروئن يا مورفين جو چار ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهه تي 20 سال کان وڌيڪ جيل ۽ 10 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ هوندو. هيروئن يا مورفين جي 6 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهن تي موت جي سزا يا 15 کان 20 لک رپين جي ڏنڊ سان عمر قيد جي سزا هوندي. 5 ڪلو يا وڌيڪ ڪوڪين جي ڏوهه ۾ موت جي سزا يا 20 سالن کان وڌيڪ جيل سان گڏ 25 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ هوندو. آئيس جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهن تي موت جي سزا يا 25 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ سان عمر قيد جي سزا هوندي. ڏوهه ڪنهن اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي يا تعليمي اداري اندر يا ويجهو ٿيڻ تي ان ڏوهه جي وڌ کان وڌ سزا هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button