اسلام آباد : صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي ريجنل ڊائريڪٽر صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل سان ٽيليفون تي رابطو ڪري پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان جو افسوس ڪيو آهي. ڊبليو ايڇ او جي ريجنل ڊائريڪٽر احمد المندهاري چيو ته ٻوڏ متاثرن جي وڌ ۾ وڌ مدد جاري رکنداسين. عبدالقادر پٽيل ان موقعي تي متاثرن جي امداد لاءِ ڊبليو ايڇ او جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻڌايو ته سنڌ بلوچستان خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ وڏي تباهي ڪري ڇڏي آهي. عبدالقادر پٽيل چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ صحت واري نظام کي گهڻو نقصان ٿيو آهي. ٻوڏ جيڪا تباهي ڪئي، حڪومت اڪيلي سر ان جو مقابلو نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته ٻوڏ سان بنيادي مرڪزن ۽ ريجنل صحت جي مرڪزن کي به شديد نقصان ٿيو آهي. هن وقت اسان جو فوڪس ريسڪيو ۽ رليف آپريشن تي آهي. عبدالقادر پٽيل چيو ته وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close