ڪراچي : ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال خراب آهي، ٻوڏ ۽ برسات ۾ ٿيل فوتگيون رپورٽ نه پيون ٿين. اصل حقيقتون اڃا وڌيڪ خطرناڪ آهن. جيڪڏهن ٻوڏ مان ماڻهو بچي به ويا ته بک ۽ بيمارين وگهي مري ويندا. حڪومتي سطح تي ڪم ڪندڙن جو ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رويو صفا خراب آهي. حڪومت کي اعلان ڪرڻ گهرجي ته قرضن جي رقم ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪنداسين. اسان جيڪا ٻيڙي ورتي آهي، ان جي قيمت 2 لک رپيا آهي پر اسان ان تي 4 لک رپيا ٽيڪس ڏنو آهي. وفاقي حڪومت کي شرم نٿو اچي ته فلاحي تنظيمن کان ٽيڪس وٺي رهيا آهن. اسان عالمي ادارن ۽ پنهنجن ماڻهن کي امداد جي اپيل ڪريون ٿا. امداد نه ملڻ سبب وڌيڪ ڪيتريون ئي ڏکيائيون ٿي سگهن ٿيون. پاڪ فوج ۽ حڪومت به متاثر علائقن ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي. ڪراچي وارن ماضي ۾ جيئن پنهنجو حصو وڌو اڄ اهي نظر نه پيا اچن. ڏکئي وقت ۾ ڪراچي جا شهري اسان سان گڏ بيهن. هن اهڙو اظهار جمعي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، ڪرامت علي، خضر قاضي، ناصر منصور، زهره خان، رشيد اي رضوي، ڊاڪٽر فيصل بنگالي، ڊاڪٽر علي اظهر، ڊاڪٽر ٽيپوسلطان، واحد بلوچ ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. فيصل ايڌي چيو ته سنڌ ۾ جيڪي ڪچا گهر هئا اهي ڊهي پيا آهن، مان 9 ڏينهن اتي رهيس مون کي اندازو آهي ته اتي صورتحال صفا خراب آهي. اسان اڃا تائين رڳو 10 سيڪڙو ماڻهن تائين پهچي سگهيا آهيون. جڏهن ته 90 سيڪڙو اڃا آهن جيڪي پاڻي ۾ ٻڏل آهن. حڪومت کي پنهنجا خرچ گهٽائڻا پوندا، بچيل سمورا پئسا ٻوڏ متاثرن تائين پهچايا وڃن. هن چيو ته متاثرن جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجا گهر نٿا ڇڏي سگهون، اهي اسان کان کاڌي پيتي جي سهولت گهري رهيا آهن. سنڌ ۾ کاڌي پتي جون شيون نه پيون ملن، ٻوڏ سبب صورتحال اڃا وڌيڪ خراب آهي. 2010 جي ٻوڏ کان تمام گهڻي خراب آهي. حڪومت کي 25 هزار رپين جي امداد کي اڃا وڌائڻ گهرجي. گذريل آفتن ۾ عالمي اين جي اوز گهڻو ڪم ڪيو هو. هڪ عالمي اين جي اوز تي لڳل پابندي هٽائڻ جي حڪومت کي درخواست ڪريان ٿو. هن چيو ته ڪراچي ۾ شين جي قيمتن کان ڪافي وڌيڪ قيمتن تي سنڌ جي اندر شيون ملي رهيون آهن. سنڌ ۾ ماڻهو جانور کپائي رهيا آهن، سنڌ ۾ ڪجهه واپاري بليڪ تي شيون وڪرو ڪري رهيا هئا، جن کي حڪومت پڪڙيو آهي. سنڌ حڪومت کي درخواست ڪريان ٿو ته انهن واپارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته لکين ايڪڙ تيار فصل تباهه ٿي ويو آهي، کاڌي پيتي جون شيون اڻلڀ ٿي ويون آهن. ملڪ ۾ ڀاڄين ۽ زرعي جنسن جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي ذوالفقارعلي ڀٽو جونيئر چيو ته اسان گهڻي عرصي کان ايڌي فائونڊيشن سان ڪم ڪري رهيا آهيون. ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ فائونديشن سان گڏ آهيون. هن چيو آهي ته سنڌ ۾ برسات متاثرن جي مدد نه پئي ٿئي، ماڻهو تمام ڏکن ۾ آهن. ملڪ ۾ انقلاب اچڻ وارو آهي، ماڻهو جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي نظام کان تنگ ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو ته فيصل ايڌي سنڌ ۾ سٺو ڪم ڪري رهيو آهي پر هاڻي به صرف 10 سيڪڙو متاثرن تائين امداد پهتي آهي. انٽرنيشنل اين جي اوز ته پري جي ڳالهه هتي لوڪل اين جي اوز کي ڪم ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي. هي هڪ مشڪل وقت آهي، ان ۾ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. پائلر جي ڪرامت علي چيو ته وڏي تباهي کي منهن ڏيڻ لاءِ تمام گهٽ وسيلن سان ڪم ڪيو پيو وڃي. رياست بي زمين ٿيندڙ هارين کي زمين الاٽ ڪري ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي رهي آهي. هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي قاضي خضر چيو ته سنڌ ۾ 400 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، 80 عورتون ۽ 134 ٻار به شامل آهن. عورتن ۽ ٻارڙن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، لکين ڳورهارين عورتن کي به امداد جي ضرورت آهي. حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close