مٺي:مٺي پوليس ٿاڻي اندر حراست دوران قتل ٿيل نوجوان ڀاڳچند ميگهواڙ جو خون مقتول جي پي ۽ ڀائرن جي غير موجودگي ۾ معاف ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب پ پ ضلعي صدر انجنيئر گيانچند ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر سونو مل کنگهاراڻي جي سرپئنجي ۾ ٿاراڻي هائوس مٺي تي جرڳو ٿيو، جنهن ۾ جوابدار نامزد اڳوڻي ايس ايڇ او محمد سومار مڱريو جي عزيزن ۽ دوستن شرڪت ڪئي، جن کي ڀاڳچند ميگهواڙ جو خون معاف ڪرڻ جو سوشل ميڊيا ذريعي اعلان ڪيو ويو. مقتول ڀاڳچند جي پيرسن پي توڙي ڀائرن کي فيصلي ۾ روبرو گهرائڻ جي به زحمت نه ڪئي وئي. نوجوان ڀاڳچند جي ڀا هريش ميگهواڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان ڀائرن ۽ والد کي فيصلي ۾ نه ويهاريو ويو ۽ اسان کي چيو ويو ته جوابدارن کي برادري جي گڏيل فيصلي سان خون معاف ڪيو آھي ۽ توهان جو ڪيس تي ٿيل خرچ برادري ڀري ڏيندي. فيصلي ۾ جوابدار نامزد رڳو ايس ايڇ او جي ڌر انجنيئر گيانچند جي بنگلي تي آئي هئي ۽ مک جوابدار سمترا منجياڻي ۽ ٻيا نه آيا، اسان کي برادري جي چڱن مڙسن فيصلو قبول نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪيس ۾ ڪابه مدد نه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي، جنهن ڪري اسان بيوس بڻجي ويا آھيون، ڀا جو خون معاف پيو ڪيو وڃي، اهڙي نموني ته ٻڪري جي ڦر جي موت جو فيصلو ڪري خون به معاف ناهي ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان کي چڱن مڙسن چيو ته ڪيس ۾ ڪجهه ناهي، ان ڪري معاف ڪري ڇڏيو، اسان عدالت ۾ ڪڏهن به معاف ڪرڻ جي درخواست نه ڏينداسين، اسان چڱن مڙسن کي اڳ ئي چيو هو ته سڀ کان پهرين جاچ ڪري اسان جي آڏو اهو واضع ڪريو ته جنهن چوري ڪيس ۾ مقتول ڀاڳچند کي گرفتار ڪيو ويو هو، اهو ڪيس ڪوڙو هو يا سچو؟، ان بعد قاتل ڏوهه قبول ڪندا اسان فيصلو ڪنداسين، چڱن مڙسن اعتماد ۾ وٺڻ کانسوا خون معاف ڪيو، اسان کي سوشل ميڊيا ذريعي خبر پئي ته خون معاف ڪيو ويو آھ، جيڪا سراسر ناانصافي آھي. هوڏانهن ڀاڳچند ميگهواڙ جو تڏو بخشرائڻ لا جوابدار ڌر ۽ فيصلو ڪندڙ ميگهواڙ برادري جي اڳواڻن وارثن وٽ لنگهي به نه آيا. ياد رهي ته ڀاڳچند ميگهواڙ جو موت چوري ڪيس ۾ گرفتاري بعد مٺي ٿاڻي تي حراست دوران ٿيو هو ۽ وارثن جي 3 ڏينهن تائين لاش رکي ڌرڻي بعد ڪيس داخل ٿيو هو، ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او محمد سومار مڱريو، پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ سمترا منجياڻي ۽ آچار ميگهواڙ کي نامزد ڪيو ويو، جيڪي عدالت مان ضمانت تي آزاد آھن. ٻئي طرف انجنيئر گيانچند ٿاراڻي رابطو ڪرڻ تي تصديق ڪئي ته ايس ايڇ او پنهنجي عزيزن ۽ دوستن سميت ساک کڻڻ لا تيار ٿيو ته اسان ڀاڳچند تي ڪوبه تشدد ناهي ڪيو، جنهن تي اعتبار ڪري وارثن ڪو ڏوهه ڏنڊ وٺڻ کانسوا خون بخش ڪري ڇڏيو آھي، خون معاف ڪرڻ ۾ مقتول جا سمورا گهر ڀاتي راضي آھن ۽ کين مڪمل اعتماد ۾ ورتو ويو آھي. هن چيو ته نوجوان جو موت پوليس حراست ۾ ٿيو هو، ان ڪري ايس ايڇ او ذميوار هو، جنهن پاران ڪافي ساک وارن ماڻھن جي ڏنل ڀروسي تي اعتبار ڪري بخش ڪيو، باقي ڪيس ۾ جيڪي نامزد هئا، اهي پاڻ ڀاڳچند تي چوري ڪيس جا فريادي هئا، ايس ايڇ او تشدد نه ڪرڻ جو اعتبار ڏنو ته پو انهن کي فيصلي ۾ آڻڻ جي ڪابه ضرورت نه هئي. هن چيو ته برادري جي 12 ماڻھن تي مشتمل ڪميٽي وارثن کي اعتماد ۾ وٺي فيصلو ڪيو آھي، ڀائر جذبات ۾ اچي موجود نه هئڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آھن، اهي به هاڻي فيصلو ڪري چڪا آھن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close