سرهاڙي: سرهاڙي، نواز ڏاھري ۽ چودڳي شهرن سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ شاخن ۽ سم نالن کي لڳل گھارا بند ٿي نه سگھيا، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ علائقا اڃا تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن، انتظامي لاپرواهي سبب هزارين متاثرن کي اڃا تائين خيما، راشن ۽ ٻيون سهولتون ناهن ملي سگهيون. رپورٽ موجب سرهاڙي، نواز ڏاهڙي ۽ چودڳي سميت آسپاس جي سوين ڳوٺ ۾ اڃا تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب ڳوٺن ۾ 200 گهر ڪري پيا آهن، جنهن بعد 300 جي لڳ ڀڳ خاندان دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن. برساتي ۽ گهارن جي پاڻي سبب هزارين ايڪڙن تي ڪاهيل وونئڻن، ڪمند ۽ ڪيلي سميت ڀاڄين جا فصل سڙي ختم ٿي ويا آهن. سرهاڙي ٽائون ۽ يوسي گل محمد لغاري، حبيب الله ڪيريو، ڪوڙو خان عمراڻي ۽ نواز ڏاھري سميت مرزا فرخ بيگ ۾ ڪيترائي ڳوٺ برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن، ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهرن سان رابطو به ڪٽيل آهي، ڳوٺن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي انتظاميا اڃا تائين ٻاهر ڪڍي نه سگهي آهي، نه ئي حڪومتي نمائندو مدد لا آيو آهي. معلوم ٿيو آهي ته مڇردانيون، خيما، راشن ۽ ٻيو سامان ڪامورا ۽ سياسي اڳواڻ من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيا آهن. هوڏانهن برساتي پاڻي سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب وڏي انگ ۾ معصوم ٻار مليريا، خارش ۽ ٻين بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن ۽ چوپايو مال به مري رهيو آهي، پر سنڌ سرڪار توڙي ضلعي انتظاميا ڪو نوٽيس ناهي ورتو. ٻئي پاسي کڏهر شاخ، لنڊو شاخ، ڇن بابو شاخ، جهيمل شاخ، سرھاڙي، اوڄاڻو ۽ سرھاڙي شاخن ۾ بااثرن پنهنجي زمينن جو پاڻي لفٽ مشينن ذزريعي ڇوڙ ڪري پڇڙي جي سوين ڳوٺن کي هٿ سان ٻوڙيو آهي، پر ڪير به ڇوڙ روڪرائڻ لا تيار ناهي. شاخن ۽ سم نالن ۾ بااثرن پاران ڇوڙ ڪرڻ سبب پاڻي جي سطح وڌي وئي آهي. برسات متاثرن وڏي وزير ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته اسان کي خيما، راشن ۽ ٻيو سامان ڏئي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close