ڪوٽ غلام محمد:ڪوٽ غلام محمد جي علي گارڊن ۾ ٽي اي او ايجوڪيشن عبدالله سمون ۽ عملي پاران آءِ بي اي پاس پي ايس ٽي ٽيچرن ۾ آفر آرڊر ورهائڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اڳوڻي ضلعي چيئرمين مير انور ٽالپر، پ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عدنان ٽالپر، اڳُوڻي ٽائون چيئرمين عابد حسين قائمخاني، پ پ تعلقي صدر حاجي محمد رفيق، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پرائمري ڏاڙهون مل ڀيل سميت رٽائرڊ استادن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ 193 ميل ۽ 45 فيميل اميدوارن ۾ آفر آرڊر ورهايا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي مير انورٽالپر چيو ته اميد آهي ته ڀرتي ٿيل استاد سرڪاري اسڪولن ۾ پابندي سان شاگردن کي معياري تعليم ڏيڻ ۾ پنهنجو سٺو ڪردار ادا ڪندا ۽ ڊيوٽي ۾ غفلت نه ڪندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close