جهڏو: جهڏو ۾ پراڻ ڍوري جا گهارا بند نه ٿيا، شهر ۾ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿيڻ لڳو، پراڻ ڍوري کي 316 بند وٽان لڳل گهارو 5 ڏينهن گذرڻ باوجود به ٻڌجي نه سگهيو، جنھن سبب پاڻي شهر جي اوڀر وارين ڪالونين کي گهاري جي پاڻي اڳ ئي ٻوڙي ڇڏيو هو، شهر جي 10 کان وڌيڪ ڪالونين اسلم ٽائون، رياض ڪالوني، صغير ڪالوني، عابد ڪالوني، بشير ڪالوني، ڪڇي ڪالوني، عاشق ڪالوني، جوڻيجو ڪوارٽر، هاشم ڪالوني ۽ کوسا پاڙي سميت احمد خان کوسو کان نبي سر روڊ کان پاڻي اوور ٽاپ ٿي مختلف ڳوٺن جان محمد کوسو، صوبدار کوسو، حاجي خان کوسو، گھنور خان پتافي، رمضان رند، فيض محمد آرائين، فتح خان پتافي، ڪيوڙو پتافي، امام بخش رند ۽ سميت ديهه 318 جي دنگ کان ويندي خاڪي پير ۽ روشن آباد تائين پهچي ويو آهي، پاڻي کي مناسب رستو نه ملڻ سبب پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿيڻ لڳو آهي، ڄاڻايل علائقا 5 کان 6 فوٽ پاڻي هيٺ آهن، 4 ڏينهن اڳ ئي شهر واهڻ وستيون خالي ٿي چڪيون آهن. ھوڏانھن پراڻ ڍوري کي اوڀر طرف ملوڪ شاهه درگاهه وٽان لڳل گهارو پڻ 12 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين بند نه ٿيو آهي، گهارن کي بند ڪرڻ لاءِ شهري ۽ مقامي رهواسي ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ايل بي او ڊي انتظاميا شهرين کي فقط ٻيڙيون ۽ ڪٽا فراهم ڪيا آهن. واضع رهي ته جهڏو جو سمورو شهر ٻڏڻ بعد 90 سيڪڙو شهر خالي ٿي چڪو آهي ۽ ڪاروبار مڪمل طور بند آهي، شهر مختلف علائقن جي روڊن رستن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل ماڻهو بي يارو مددگار ويٺل آهن، شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي کاڌ خوراڪ، صحت جي سهولتن جو بدترين بحران پيدا ٿي ويو آهي، پر سرڪاري طرفان هيل تائين ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي ڪابه مدد نه ڪئي وئي آهي هوڏانهن پنج ڏينهن گذرڻ باوجود اوڀر واريون ڪالونيون ٻڏڻ بعد انتظاميا پاران سامارو روڊ تي پاڻي کي روڪڻ لاءِ روڊ تي ڪڙ ڏياري جو بندوبست نه ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close