گولاڙچي/بدين:گولاڙچي لڳ ٻوڏ متاثرن مٿان ٽرالر چڙهي ويو، نوجوان ٻن معصوم ڀينرن سميت چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. خبر موجب گولاڙچي ڀرسان ڳوٺَ حاجي امير شاھه وٽ صبح سوير ٻوڏ سبب متاثر ٿيل روڊ ڀرسان ٽينٽ هڻي متاثر ڪٽنب ستل هو ته هڪ تيز رفتار 22 ويلر ٽرالر مٿن چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ورهين جو عنايت پٽ منور سامي، سندس ڀيڻ 15 ورهين جي افشان ۽ 13 ورهين جي وسيما سامي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، موقعي تان ڊرائيور فرار ٿي ويو، جنهن کي ترائي پوليس گرفتار ڪري ورتو. حادثي بعد وارثن ۽ سوين ماڻهن روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي انتظاميا خلاف سخت نعيربازي ڪئي ۽ ڪراچي-بدين روڊ بند ڪري ڇڏيو. فوتين جي والد منور سامي، اکين ڏٺن شاهدن قاسم ۽ گلاب سامي چيو ته 15 ڏينهن کان گهر ٻڏڻ سبب روڊن تي دربدر آهيون، انتظاميا رڳو خيمو ڏنو، باقي ڪجهه نه ڏنو، روڊن تي ويهي ڪري حياتي بچائي رهيا آهيون، پر ڊرائيور ٽرالر چاڙهي ٻارن کي ماري ڇڏيو. هنن چيو ته انتظاميا هڪ وقت جي به ماني ناهي ڏني، ڪراچي جا ماڻهو اچي اسان کي راشن ۽ ٻيو سامان ڏئي رهيا آهن، باقي چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا رڳو موت ڏئي پئي. ٻن ڪلاڪن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊي ايس پي گولاڙچي واقعي واري هنڌ پهچي متاثرن سان ڳالهيون ڪري لاش تعلقي اسپتال آندا، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر بدين فوتي جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ڪئي ۽ 10-10 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close