پاڪستان

عالمي امداد ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪندي:آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي برطانيا جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته عالمي ڀائيوارن جي امداد ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ بحالي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪندي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسن ٽرنر ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. برطانوي هاءِ ڪشمنر پاڪستان جي ٻوڏ متاثر خاندانن سان ڏک جو اظهار ڪندي ڏکئي وقت ۾ برطانيا طرفان مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي. ڊاڪٽر ڪرسن ٽرنر علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان سان هر سطح تي سهڪار وڌائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندس. آرمي چيف برطانيا جي حمايت تي ٿورا مڃيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button