پاڪستان

سنڌ ۾ جيڏانهن به نظر ڦيرجي،پاڻي ئي پاڻي آهي: قمر زمان ڪائره

ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آهي ته پاڪستان تاريخ جي ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي، ٻوڏ سبب ملڪ جو اڌ حصو متاثر ٿيو آهي، هر متاثر خاندان کي 25 هزار روپيا ڏنا پيا وڃن، فوتين جي وارثن کي 10 لک روپيا ڏنا پيا وڃن. گلگت ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون متاثرن جي تڪڙي بحالي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيون آهن. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ پڻ ٻوڏ واري صورتحال سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قيامت جو منظر آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته سنڌ ۾ جيڏانهن به نظر ڦيرجي اتي پاڻي ئي پاڻي آهي. وزيراعظم پاڪستان ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ گلگت بلتستان جو دورو ڪري رهيو آهي. هر متاثر خاندان کي 25 هزار روپيا ڏني پيا وڃن. فوت ٿيلن جي وارثن کي 10 لک روپيا ڏنا پيا وڃن. نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ جلدي سروي جي شروعات ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سروي ٽيم ۾ سول ادارن سان فوج جي ٽيم پڻ شامل هوندي. سروي ۾ ڪنهن قسم جي متڀيد نه ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button